مسئلا 23 ڪروڙ عوام پيدا ڪيا يا هڪ سيڪڙو امير طبقي؟

0
215
مسئلا 23 ڪروڙ عوام پيدا ڪيا يا هڪ سيڪڙو امير طبقي؟

 رياست پاڪستان تي اصل حڪمراني ڪهڙي طبقي جي آهي؟ پاڪستان جي سڀني وسيلن مان وڌ کان وڌ فائدو ڪهڙو طبقو حاصل ڪري رهيو آهي؟ پاڪستان جو سياسي، سفارتي ۽ معاشي نظام ڪهڙي طبقي جي مفادن وٽان آهي؟ پاڪستان جي 23 ڪروڙ عوام جي قسمت جا فيصلا ڪهڙي طبقي جي هٿ ۾ آهن؟ اهي ۽ انهن کان به وڌيڪ اهم ۽ نهايت بنيادي نوعيت جون ڳالهيون، اسان کي پنهنجا عوام دوست اڳواڻ، ساٿي ۽ ڪامريڊ تمام وڏن ۽ تاريخي دليلن سان پنهنجن ليڪچرن، تحريرن ۽ تقريرن ۾ ڏهاڪن کان ٻڌائيندا رهيا آهن ۽ هن وقت به ٻڌائي رهيا آهن. پر گذريل ڏينهن اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ڪراچي ۾ هڪڙي پروگرام کي خطاب ڪندي چيو ته “پاڪستان کي ’اسلامڪ ريپبلڪ‘ نه پر ’ون پرسنٽ ريپبلڪ‘ (يعني هڪ سيڪڙي جي حڪومت) چوڻ گهرجي. ڇو ته هڪ سيڪڙو ايليٽ (امير طبقو) سڄي ملڪ تي قابض آهي. لاهور ۾ هڪ “ايچيسن ڪاليج” آهي، ملڪ جي اڌ وفاقي ڪابينا اتان اچي ٿي. ٻيو “ڪراچي گرامر اسڪول” آهي، جتي سڀ اميرن جا ٻار پڙهن ٿا ۽ اڌ امير اتان اچن ٿا.” هي سڀ ڳالهيون يا ايئن کڻي چئجي ته اهي سڀ اعتراف هڪ اهڙو شخص ڪري رهيو آهي، جيڪو پاڻ به هڪ امير طبقي سان واسطو رکي ٿو ۽ سندس اٿڻ ويهڻ، کائڻ، پيئڻ، رشتا ناتا، مٽي مائٽي ۽ ٻيا سماجي تعلق ان اشرافيه طبقي سان آهن. ۽ ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه ته اهو شخص اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن خاص ڪچهري يا ميٽنگ ۾ نه ڪري رهيو هو، پر هڪ وڏي پروگرام ۾ جنهن کي مختلف ٽي وي چينلز سڌو سنئون نشر ڪري رهيا هئا ۽ ان سان گڏ ٻئي ڏينهن ملڪ جي کوڙ سارين اخبارن ۾ سندس اهڙو بيان به شايع ٿيو آهي. پر ساڳئي وقت ڪجهه اردو جي نام نهاد وڏين اخبارن سندس بيان کي شايع نه ڪرڻ ئي مناسب سمجهيو!

سندس اهڙي حقيقت پسنداڻا ۽ جرئت واري موقف جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ ٿيندي. مفتاح اسماعيل اسان کي واضح طور ٻڌائي رهيو آهي ته هن وقت پاڪستان جنهن قسم جي سخت معاشي، سياسي ۽ سفارتي بحران ۾ آهي، تنهن جا ذميوار پاڪستان جا 23 ڪروڙ عوام نه پر صرف هڪ سيڪڙو امير طبقو آهي، جيڪو ان سڄي تباهي ۽ بربادي جو ذميوار آهي. ڇو ته ان طبقي وٽ ئي سڀ اختيار آهن. ان طبقي جا مختلف فرد مختلف وقتن تي اقتدار ۾ ايندا رهندا آهن. انهن وٽ ئي وڏا عسڪري عهدا آهن، انهن وٽ وڏي انصاف واري اداري جا  اعليٰ عهدا آهن، انهن وٽ وڏا معاشي عهدا آهن، انهن وٽ وڏا سفارتي عهدا آهن، انهن وٽ وزارتون آهن، اهي بالا آفيسر آهن، اندسٽريز انهن وٽ آهي، وڏا ڪاروبار انهن جا آهن، گهڻيون زمينون ۽ جائيدادئون انهن وٽ آهن. اهي سڀئي پاڻ ۾ گڏجي پاڪستان ۽ ان جي عوام جي قسمت جا فيصلا ڪندا آهن، جنهن جو نقصان پاڪستان جي 23 ڪروڙ عوام کي ڀرڻو پوندو آهي، جڏهن ته هر قسم جو فائدو ان هڪ سيڪڙو طبقي کي پهچي ٿو. اهو طبقو ڪٿان ۽ ڪهڙن ادارن مان تيار ٿي ايندو آهي، تنهن لاءِ مفتاح اسماعيل پاڻ چئي ٿو ته“ لاهور ۾ هڪ “ايچيسن ڪاليج” آهي، ملڪ جي اڌ وفاقي ڪابينا اتان اچي ٿي. ٻيو “ڪراچي گرامر اسڪول” آهي، جتي سڀ اميرن جا ٻار پڙهن ٿا ۽ اڌ امير اتان اچن ٿا.”

اهو هڪ سيڪڙو طبقو جنهن لاءِ مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان کي “اسلامي ريپبلڪ” نه پر “ون پرسنٽ ريپبلڪ” يعني هڪ سيڪڙي وارن جو ملڪ سڏيو وڃي. اهو طبقو جيڪو هن وقت هڪ سيڪڙو آهي، ان کي جنرل ايوب خان جي دور ۾ 22 خاندان سڏيو ويو هو. ان هڪ سيڪڙو طبقي کي ڪهڙا ڪهڙا فائدا ملن ٿا، تنهن سلسلي ۾ کوڙ سارا مثال پيش ڪري سگهجن ٿا، پر مفتاح اسماعيل تازو مثال ڏيندي ته ويجهڙ واري وقت ۾ 570 ارب رپيا ان طبقي کي صرف هڪ سيڪڙو وياج تي قرض طور ڏنا ويا. جڏهن ته رياست پاڪستان اهو قرض عالمي ادارن کان 16 سيڪڙو وياج تي ورتو هو. مطلب پاڪستان سئو جي پويان 16 رپيا وياج ڀري قرض ورتو ۽ هڪ سيڪڙو امير طبقي کي هڪ رپيو وياج تي اهي پئسا قرض جي صورت ۾ ڏنا، جنهن مان اڳتي هلي ڪيترا معاف به ٿي ويندا. هاڻي باقي جيڪي هر سئو رپئي جي پويان 15 رپيا وياج ۽ اهو به 570 ارب رپين تي وياج پاڪستان جي عوام ڀريندي يا ان جي ٽئڪس مان ڀريا ويندا. يعني هڪ سيڪڙو جي عياشي ۽ شاهاڻي زندگي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ باقي 99 سيڪڙو عوام کي عذاب واري زندگي گذارڻي آهي. ان هڪ سيڪڙو امير طبقي جي مالي ڪرپشن جي ڪري پاڪستان جو 99 سيڪڙو عوام عذاب کي مُنهن ڏئي ٿو. ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته امير طبقو صرف پاڪستان ۾ ناهي پر پوري دنيا ۾ موجود آهي. پر اسان واري امير طبقي ۽ دنيا جي امير طبقي جنهن کي انگريزي ۾ “ايليٽ ڪلاس” چيو ويندو آهي، وڏو فرق آهي. ان فرق کي واضح ڪندي پاڪستان جي ناليواري معاشي ماهر عاطف ميان (ياد رهي ته عاطف ميان عمران خان جي وزارت اعظميٰ واري شروعاتي ڏينهن ۾ پاڪستان جي وفاقي ڪابينا ۾ کنيو ويو هو. پر هن جي عقيدي کي بنياد بڻائي ان تي سخت اعتراض واريا ويا، جنهن ڪري هُو استعيفيٰ ڏئي واپس هليو ويو. آڪسفورڊ يونيورسٽي هن کي دنيا جي ٽاپ 25 معاشي ماهرن ۾ شمار ڪيو هو) چيو ته “پوري دنيا ۾ امير طبقو موجود آهي. چين، آمريڪا، ڪوريا، جاپان. ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اهو طبقو وڌ کان وڌ پيسا ڪمائڻ چاهي ٿو پر پاڪستاني امير طبقي ۽ دنيا جي امير طبقي ۾ وڏو فرق آهي. پاڪستاني امير طبقو ڪجهه پيدا نه ڪرڻ جي باوجود به گهڻو ڪجهه ڪمائي ٿو ۽ ان جي دولت ۾ اضافو ٿئي ٿو. پر ٻين ملڪن ۾ ايئن ناهي. چين، جاپان، ڪوريا يا ٻين ملڪن جا امير يا ڪاروباري طبقو رياست کان قرض وٺي ٿو. پوءِ انهن پيسن مان اهو ايڪسپورٽ جي شعبي ۾ پيسا سيڙائي ان ۾ لهي ٿو. يعني هڪڙي ڪاروباري مقابلي ۾. ڪو هاءِ ٽيڪ ۾ ويو، ڪو مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ ويو وغيره. ان مان اهي نه صرف گهڻا پيسا ڪمائن ٿا، پر ساڳئي وقت ٻين ماڻهن جي لاءِ به تمام گهڻا روزگار جا ذريعا پيدا ڪن ٿا، جنهن جي ڪري ڪيترن بيروزگارن کي روزگار ملي وڃي ٿو. پر ٻئي پاسي پاڪستان جو اهو امير طبقو وڏي حد تائين unproductive آهي.اهو صرف هائوسنگ اسڪيمن مان ڪمائي ٿو. ملڪ رياض جو بحريا ٽائون يا ڊي ايڇ اي وغيره. اصل ڳالهه آهي ته توهان ڪهڙي قسم جي مارڪيٽ پيدا ڪئي آهي.”

پاڪستان تي جيڪو هڪ سيڪڙو طبقو حڪمراني ڪري ٿو ۽ ان جي معاشي، سياسي ۽ سفارتي پاليسين جي نتيجي ۾ عام پاڪستاني جي معاشي حالت ڪيتري خراب ٿي چڪي آهي، تنهن حوالي سان عاطف ميان چئي ٿو ته، “هن وقت هڪ پاڪستاني جي آمدني هڪ رپيو آهي جڏهن ته سندس خرچ ٻه رپيا 75 پيسا آهي. ست ڪروڙ پاڪستاني غيرتعليمي يا فته آهن. پنج کان ڇهه ڪروڙ عورتون بي روزگار ويٺيون آهن.” هڪڙي پاسي امير طبقي جا ٻار ايچيسن ۽ ڪراچي گرامر اسڪول مان پڙهي اچي اقتدار جون واڳون سنڀالين ٿا ته وري ٻئي پاسي 99 سيڪڙو غريبن جا ٻار جيڪا “معياري تعليم” حاصل ڪري رهيا آهن، اها به اسان جي سامهون آهي. ان کان به بدتر صورتحال اها آهي، جو اسان جا چاليهه سيڪڙو ٻار اسڪول وڃن ئي ڪونھ ٿا. جڏهن ته ٻئي پاسي بقول مفتاح اسماعيل جي ته “پوري دنيا ۾ جيڪي ٻار اسڪول نٿا وڃن ۽ اڻ پڙهيل آهن، انهن ۾ 10 سيڪڙو پاڪستاني ٻار آهن.”

پاڪستان ۾ جيڪو تمام وڏو طبقاتي فرق آهي، تنهن جو حل ڪهڙو ٿي سگهي ٿو يا ان ڏس ۾ ڪهڙيون ڪوششون وٺڻ گهرجن، ان سوال کي ايندڙ صحبت لاءِ ڇڏي هتي مفتاح اسماعيل ۽ عاطف ميان پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ جيڪي ترت حل پيش ڪيا آهن، اهي پيش ڪيون ٿا. مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي موجوده بحران مان نڪرڻ جي لاءِ چئن شعبن ۾ وڏو ڪم ڪرڻو پوندو. جنهن ۾ سڀ کان پهرين ته پنهنجي وسيلن تي گذارو ڪرڻ جي عادت اختيار ڪرڻي پوندي. پوءِ اهي وسيلا ڀلي کڻي ڪيترا نه محدود هجن. ٻيو ايڪسپورٽ کي وڌائڻو پوندو. ڀارت رڳو گذريل سال 150 ارب ڊالرز جي ايڪسپورٽ ڪئي آهي، جڏهن ته پاڪستان 2021ع ۾ صرف 30 ارب ڊالرز جي ايڪسپورٽ ڪئي. جڏهن ته ٻئي پاسي اسان جي امپورٽ آهي 80 ارب ڊالرز جي. ان کان وڌيڪ افسوس جي ڪا ٻي ڳالهه ٿي سگهي ٿي! ٻيو زرعي شعبي کي بهتر ڪرڻو پوندو. حالت هي آهي ته هن ئي سال پاڪستان ساڍا ارب ڊالرز جي امپورٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻن ارب ڊالرز جي صرف ڪپهه امپورٽ ڪئي آهي. ايتري قدر جو اسان چڻا ۽ دال به امپورٽ ڪري رهيا آهيون. حالت اها آهي جو اسان اٿوپيا کان اهي شيون امپورٽ ڪري رهيا آهيون، جنهن جو مطلب پاڪستان کان وڌيڪ اٿوپيا جو زرعي شعبو وڌيڪ بهتر آهي. آخري نقطو ته اسان کي پنهنجو تعليمي نظام بهتر ڪرڻو پوندو. عوام کي به اهڙي تعليم ڏيڻي پوندي جهڙي امير طبقي کي ملي رهي آهي. اسان کي ان شعبي کي برابري جي بنياد تي هٿي ڏيڻي پوندي. عاطف ميان جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي سيڙپ ڪرڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ پاڪستان ۾ زرعي شعبي تي ڪو به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. چين زرعي شعبي کي هٿي ڏيڻ لاءِ نيڌر لينڊ جي هڪڙي يونيورسٽي مان ٽاپ ڪلاس جي هڪڙي پروفيسر کي پنهنجي ملڪ آڻي ان کي ڪم سونپيو ۽ اڄ ان جو زرعي شعبو ڏسو ڪٿي پهچي چڪو آهي. ساڳئي وقت هُو سي پيڪ تي به تنقيد ڪندي چئي ٿو ته “سي پيڪ تي اسان جي حڪمرانن ڪي به ترقي ۽ ڪاميابي جا انگ اکر نه ڏنا آهن ته اهو ڪهڙي طرح ترقي ڪندو. گوادر ڪهڙي طرح دبئي ٿيندو؟ اسان وٽ صرف سي پيڪ جي مارڪيٽنگ ڪئي وئي آهي، پر ان جي ترقي جا ڪي به انگ اکر نه ڏنا ويا آهن.”

[email protected]