“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

0
80
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

شاهد ميراڻي ڪراچي مان لکي ٿو

سنڌ حڪومت پاران بهتري جي ڪوششن باوجود سرڪاري کاتن ۾ انتظامي نااهلي جي ڪري  اهو تاثر قائم ٿي ويو آهي ته سرڪاري کاتن ۾ عوام کي ذري برابر به رليف نه پيو ملي، مڙني سرڪاري کاتن جو حال ته ساڳيو ئي آهي پر  سِڌي ريت عوام جي بنيادي سهولتن وارن کاتن ۾ مقرر ٿيل ڪامورن جي نااهلي جي ڪري حڪومتي ڪارڪردگي تي به سوال اٿي رهيا آهن، مڪاني ادارن وارو کاتو ۽ صحت کاتو اهڙا سرڪاري کاتا آهن جن مان هر عام و خاص ماڻهو تڪڙي رليف جو گھرجائو هوندو آهي، ان ڪري سنڌ سرڪار کي ته ان ٻن کاتن تي خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي پر ائين ٿئي نه پيو. هڪ پاسي سنڌ حڪومت ساليانو اربين رپيا رڳو صحت واري شعبي تي لڳائي رهي آهي، صحت واري سيڪٽر جي بهتري جي لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي ته ٻئي پاسي انتظام سنڀاليندڙ  آفيسرن جي نااهلي ۽ غلط پاليسين جي ڪري حڪومت جون اهي سموريون ڪوششون ناڪام ٿي رهيون آهن، انتظامي نااهلي جو رڳو ننڍڙو مثال جيڪڏهن سنڌ جي ٻيو نمبر وڏي اسپتال ڊاڪٽر رٿ فائو (سول اسپتال) ڪراچي جي انتظامن جي ڳالهه ڪيون ته اتي هر سال اربين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا، هڪ سال اندر رڳو ڏيڍ ارب رپين جون دوائون خريد ڪيون ويون آهن پر اسپتال جي وارڊن جو جائزو وٺبو يا گذريل سال تي نظر ڦيرائبي ته مريضن جون اهي رڙيون ٻڌڻ ۾ اينديون ته دوائون نه پيون ملن!  اسپتال ۾ اڄوڪي تاريخ تي به پيناڊول جهڙي عام گوري مريضن لاءِ ميسر ناهي.

اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ پاران اهو اعتراف به ڪيو ويو آهي ته پيناڊول گوري موجود ناهي جنهن لاءِ متبادل مريضن کي ڏني پئي وڃي! سول اسپتال ڪراچي ۾ گذريل مالي سال 2021_22ع ۾ دوائن، فرنيچر سميت سيڪيورٽي، مشينري جي خريداري ۽ ٻين مدن ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ڪيا ويا پر ان باوجود صوبي جي ٻيو نمبر وڏي اسپتال ۾ مريضن سان ڪيترائي مسئلا پيش اچن ٿا، اسپتال جي انتظاميا کي سنڌ حڪومت پاران جنهن نيت سان وڏي رقم جاري ڪئي وڃي ٿي ان مان لڳ ڀڳ سموري رقم مان شاهي خرچ ڪيا وڃن ٿا پر اهو نه ٿو سوچيو وڃي ته جنهن مقصد لاءِ رقم ملي آهي ان مقصد کي ڪيتري حد تائين حاصل ڪيو ويو آهي؟ سول اسپتال ڪراچي ۾ گذريل مالي سال دوران رڳو هڪ ارب 51 ڪروڙ 44 لک رپين جون دعوائون خريد ڪيون ويون، 79 ڪروڙ 78 لک رپين جي مشينري خريد ڏيکاري وئي ۽ حيرت جي ڳالهه اها ته مشينري جي خريداري جي مد ۾ رکيل رقم مان رڳو 12 هزار رپيا ليپس ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح مريضن جي کاڌ خوراڪ لاءِ گذريل مالي سال ۾ ناڻي کاتي پاران سول اسپتال کي جاري ڪيل رقم مان سموري رقم 16 ڪروڙ 48  لک 71 هزار رپيا خرچ ڪري رڳو 5 رپيا ليپس ڪيا ويا آهن! اسپتال ۾ لڳل هيوي جنريٽري جي پيٽرول جي مد ۾ 73 لک 70 رپيا، اسپتال جي گاڏين جي پيٽرول جي مد ۾ 92 لک 51 هزار رپيا خرچ ڪرڻ باوجود سفري الائونس جي مد ۾ الڳ سان 79 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا. اسپتال انتظاميا پاران رڳو پرنٽنگ جي مد ۾ 6 لک 83 هزار رپيا خرچ 500 ۽ رپيا ليپس ڪرڻ جي سخاوت ڪئي آهي، ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي تحفظ واري يونيفارم جي مد ۾ به اسپتال انتظاميا 86 لک رپيا خرچي ڇڏيا آهن.

ڊاڪٽرن ۽ مريضن جي سيڪيورٽي جي مد ۾ 10 لک 63 هزار رپيا خرچ ٿيڻ باوجود اسپتال ۾ ڊاڪٽرن سان ڪيترائي ڀيرا تشدد واقعا سامهون آيا. اسپتال ۾ رڳو اسٽيشنري جي مد ۾ 10 لک 66 هزار رپيا خرچ ڪيا ويا. سول اسپتال ڪراچي ۾ مجموعي طور تي 47 مختلف وارڊ آهن ۽ روزانو ڪراچي سميت مختلف ضلعن گھوٽڪي، ڪشمور، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، نوشهروفيروز، مٽياري، حيدرآباد، بدين، سجاول، ٺٽي، ملير، ڄامشوري، خيرپور، شڪارپور، ڪشمور، ٽنڊوالهيار سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن جا مريض اچي علاج ڪرائين ٿا، اسپتال ۾ روزانو 5 هزار جي لڳ ڀڳ او پي ڊي هوندي آهي، جڏهن ته اسپتال انتظاميا پاران 7 کان 8 هزار او پي ڊي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي،  اسپتال جي 47 وارڊن ۾ به سوين مريض داخل هجن ٿا جن سان گڏ ايندڙ وارثن جي رهڻ توڙي آرام ڪرڻ جي لاءِ رڳو 30 ماڻهن جي گنجائش وارو هڪ هال موجود آهي، جنهن ۾ مريضن جي وارثن لاءِ لڳل پکا رڳو لٽڪيل آهن پر ڪيتري ئي عرصي کان وٺي پکا بند پيا آهن، جنهن لاءِ مريضن جي وارثن پاران انتظاميا اڳيان ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون ويون آهن پر پکا هلائڻ لاءِ به انتظاميا سنجيدگي اختيار ناهي ڪئي. وارڊن ۾ داخل مريضن جي وارثن توِڙي او پي ڊيز ۾ ايندڙ مريضن جي لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي، واشروم ۽ ٻين ضرورت وارين شين جي به کوٽ آهي، پر جيڪڏهن ڪاغذن ۾ انتظام ڏسبا ته سڀ درست نظر ايندو، ان جو مقصد ته بجيٽ رڳو ڪاغذن ۾ ئي استعمال ڪئي وڃي ٿي، سرزمين تي ڪارِي واري ڪکن سميت ٻيو ڪجهه به نظر نه ٿو اچي!

سول اسپتال جي ملازمن لاءِ سرڪاري ڪوارٽرن تي قبضن وارو معاملو به ڪجهه ڏينهن کان وٺي هلي پيو، ڪوارٽرن جي غيرسرڪاري بااثر ماڻهن جي قبضي خلاف پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران لاڳيتو احتجاج ڪيو پيو وڃي پر ان جي باوجود اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن تي ڪو اثر نه پيو ٿئي. سنڌ حڪومت کي گھرجي ته جهڙي مقصد لاءِ سرڪاري اسپتالن کي اربين رپيا ڏنا پيا وڃن ان مقصد جو پورائو نه ڪندڙ اسپتالن جي انتظاميا خلاف رقم خرچ ڪرڻ واري معاملي جي سخت نگراني ڪرائڻ لاءِ به ڪي   ٽيمون جوڙيون وڃن جيئن سرڪار جو پئسو فضول خرچ ٿيڻ ۽ ڪامورن جي ڪرپشن واري نظر کان بچي سگھي.