ٺاروشاهه (رپورٽ: شبير اڄڻ) مزدوري تي وڃڻ لاءِ ڇو چيو: ٺاروشاهه ڀرسان ننڍي ڀاءُ ننڍ ستل وڏي ڀاءُ کي ڏنڊا هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس داخل، جوابدار گرفتار ، عدالت پيش، جيل حوالي، خبر موجب ڳوٺ فضل محمد موٽمل ۾ ننڍي ڀاءُ علي محمد کوکر ننڍ ستل وڏي ڀاءُ محمد آچر کوکر کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدارن کي گهر ڀاتين سوگهو ڪري رسن سان ٻڌي ڇڏيو، مقتول ۽ جوابدار جي ٽئين ڀاءُ عمر کوکر ٻڌايو ته سندس ننڍي ڀاءُ جو ذھني توازن درست ناهي، جنهن ڪري هن ننڍ ستل وڏي ڀاءُ مٿان ڏنڊن سان حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪيو، هوڏانهن ٽئين ڀاءُ محمد عمر جي فرياد تي جوابدار خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آھي ته ھڪ ڏينهن اڳ وڏي ڀاءُ محمد آچر کوکر ننڍي ڀاءُ کي مزدوري تي وڃڻ لاءِ چيو، جنهن تان ننڍو ڀاءُ ڪاوڙجي گهران نڪري ويو ۽ صبع ڌاري گهر ۾ اچي ننڊ ستل وڏي ڀاءُ مٿان ڏنڊن سان حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، هن ڄاڻايو ته ننڍي ڀاءُ جو ذھني توازن ٺيڪ ناهي، جنهن ڪري گهر ۾ جهيڙا ڪندو رهي ٿو، پوليس جوابدار علي محمد کوکر کي ڀريا جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان عدالت کين جيل اماڻي ڇڏيو،