مزاح … عيد مبارڪ!

0
154
مزاح ... عيد مبارڪ!

  عيد اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن ٻه ڄڻا پاڻ ۾ ڀاڪر پائي وري ٻي عيد تائين پاسي مان به ڪونه لنگهندا آهن. ڪجهه ماڻهو عيد ملندا ته ڀاڪر ايترا پائيندا، ڄڻ انهن پراڻين عيدن جا ڀاڪر به پائي ڇڏيندا، جن عيدن تي هُو  ملي نه سگهيا هئا.

                 اسان جو دوست ڏاڙهون فقير ته عيد جو ڀاڪر اهڙي زور سان پائيندو آهي، جو ٽي دفعا ڀاڪر پائڻ کان پوءِ گڙدي مان پٿري نڪري اچي…پڇيومانس، “ايترن ڀاڪرن مان توکي فائدو ڪهڙو ٿو ٿئي؟” چيائين، “ايترن ڀاڪرن سان هر سال منهنجو پيٽُ  ٻه انچ  اندر ٿيو وڃي!”

                 چنڊ رات وري اها رات آهي، جنهن ۾ هر ڪو پنهنجا پنهنجا چنڊ ڳولڻ نڪرندو آهي. اڳي زماني ۾ رڳو هڪڙو چنڊ ڳولڻ لاءِ کُڏ تي چڙهبو هو ته سڄي پاڙي جا چنڊ ڏسبا هئا. هاڻي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جون دوربينيون ايتريون پراڻيون آهن، جو جيسين اُهي سيٽ ٿيون ڪجن، تيسين چنڊ ڪنهن ٻئي سان سيٽ ٿيو وڃي!

                 اسان زندگيءَ ۾ سڀ کان پهرئين چنڊ کي هڪ پارٽيءَ جي جهنڊي تي ڏٺو هو… بابي چيو، “پٽ، اهڙي چنڊ تي عيد نه، پر اليڪشن ٿيندي آهي!” تڏهن خود اسان جي عمر ايتري هئي، جو جيڪي اسان کان وڏا هئا…اسين انهن سڀني کان ننڍا هئاسين!

‘عيد سيل’ ان شاپنگ جو نالو آهي، جتي پنجاهه واري شئي، ٻه سئو جي ٻُڌائي، سئو رپين ۾ وڪڻندا آهن!

عيد جي موسم ۾ جنهن گهٽيءَ ۾ بيوٽي پارلر هوندو آهي، اُتان گس ئي ڪونه ملندو آهي. بيوٽي پارلر ٺاهيا ئي ان ڪري ويا آهن ته جيڪا مائِي اندر وڃي ته گھٽ ۾ گھٽ اها ساڳي مائِي ٻاهر نه نڪري… اسان ته جڏهن به ڏٺو، هميشه نيون نيون مايون ٻاهر نڪرندي ڏٺيون. جيئن لالا لٻاڙيءَ جي زال اندر وڃي ٻاهر نڪتي ۽ لالا کي چيائين، “هاڻي هل ته گهر هلون !” لالا وائڙو ٿي ويو… پڇيائين، “توهان ڪير آهيو؟” زال چيس، “الا…پنهنجي زال کي ڪونه ٿو سڃاڻين؟” لالا چيس، “توهان کي ڀُل ٿي آهي محترمه…آئون توهان جو مڙس ناهيان…آئون ته ڪنهن ٻي مائيءَ وٽ بيٺل آهيان!”

عيد اصل ۾ حجامن جي به هوندي آهي، جيئن اسان جي دوست لالا لٻاڙيءَ کي عيد رات حجام پئسا ايترا ٻُڌايا، جو لالا چيس، “ادا…ايترن پئسن جو ته مٿو ئي ڪونهي!”

جن مڙسن کي شگر آهي، اهي به عيد جي ڏينهن  خوامخواهه نوان ڪپڙا پائي اچي زالن جي ڀر ۾ ويهندا آهن. جيتوڻيڪ انهن کي مِٺيون شيون کائڻ کان منع هوندي آهي!

مرد ته اهو جانور آهي، جو ڪسٽرڊ کائڻ ويهندو ته پهرئين اهو ئي چاهيندو ته هڪڙي چمچي ۾ به ٻن چمچن جيترو مال کڻجي…۽ شگر وارا وري عيد جي ڏينهن اهڙيون اهڙيون شيون پيا ڳوليندا آهن، جن کي کائڻ کان پوءِ سندن گهر وارا ڊاڪٽرن کي پيا ڳوليندا آهن!

 هر سال عيد جي ڏينهن منهنجي دروازي تي اهو ساڳيو فقير ايندو آهي، جنهن جو مون کان خيرات وٺڻ جو قسم کنيل آهي. فقير ٻاهران ئي دانهن ڪندو آهي، “سائين اڄ عيد آهي…عيد عيد تي ته ڪجهه کيسي ۾ رکندا هوندائو!”