نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه ۾ ايپي ليپسي ميڊيڪل فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر محمد زمان سومرو جي دعوت تي لنڊن مان ماهر ڊاڪٽر پروفيسر اسٽيفن ڪوئٽس ۽ ڊاڪٽر اني ڪلارڪ پهتا، جتي هنن مرگهي جي مرض بابت ڪوٺايل سيمينار ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر  اسٽيفن ڪوئٽس سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته مرگهي لا علاج مرض ناهي، ٽن سالن جي ڪورس سان مرگهي جي بيماري مان مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو، سيمينار کي ڊاڪٽر صادق سيال، اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر اويس بشير لاڙڪ، پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق مري، ڊاڪٽر موتي رام ڀاٽيا ۽ ڊاڪٽر محمد زمان سومرو ۽ ڊپٽي ڪمشنر شهريار ميمڻ به خطاب ڪيو، جڏهن ته بعد ۾ لنڊن مان آيل ماهر ڊاڪٽرن ايپي ليپسي ميڊيڪل فائونڊيشن جو دورو ڪري مرگهي جي مريضن جو مفت چيڪ اپ پڻ ڪيو.