ڪراچي (شوبز نيوز) ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ صدارتي ايوارڊ يافته اداڪار معين اختر جي 10 هين ورسي ملهائي وئي.معين اختر 24 ڊسمبر 1950 تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، زندگي جي پهرين پرفارمنس شيڪسپيئر جي ناول مان ٺهيل اسٽيج ڊرامي ”دي مرچنٽ آف وينس“ ۾ صرف 13 سالن جي عمر ۾ ڏني جڏهن ته فني ڪيريئر جي باقاعده شروعات پاڪستان جي پهرئين يوم دفاع تي 1966ع ۾ ڪئي.معين اختر 22 اپريل 2011 دوران دل جي حرڪت بيهي وڃڻ ڪري فوت ٿي ويو، ساٿي فنڪارن موجب پاڪستان جي ثقافت کي جهڙيءَ ريت معين اختر ڊرامن ۽ شوز وسيلي متعارف ڪرايو اهڙو شايد ڪو ٻيو ڪري.