مري سانحي جا ذميوار وزيراعظم ۽ وزيراعلي پنجاب آهن: نثار کهڙو

0
219
مري سانحي جا ذميوار

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پ پ اڳواڻ نثار کهڙو چيو آهي ته مري سانحي جا ذميدار وزيراعظم عمران خان ۽ وزيراعلي پنجاب آهن، مري سانحي ۾ فوت ٿي ويلن جي قتل جي ايف آءِ آر عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير خلاف داخل ڪئي وڃي

هن چيو آهي ته خراب موسم ۽ برفباري جي اڳواٽ اطلاع باوجود وفاق ۽ پنجاب حڪومت ڪي به قدم نه کنيا، وزيراعظم عمران خان مري سانحي جي حڪومتي ۽ انتظامي ناڪامي تسليم ڪرڻ بدران الزام مري ويندڙ متاثرن تي لڳائي رهيو آهي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا، اهو عمل وزيراعظم جي ذهني پستي ظاهر ڪري ٿو

نثار کهڙو چيو آهي ته وزيراعظم قوم کي جواب ڏيئي ته برفباري جو اڳواٽ اطلاع هجڻ باوجود حڪومت اڳواٽ بندوبست ڪرڻ لاءِ نااهل هئي ته پوءِ مري ويندڙ رستن کي بند ڇو نه ڪيو ويو ۽ عوام کي مري طرف ڇو ڇڏيو ويو

هن چيو آهي ته هڪ طرف وفاقي وزيرمري ويندڙ عوام جي رش کي خوشحالي قرار ڏئي عوام کي اڪسائيندا رهيا ته ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان سانحي جو ذميدار مري ويندڙن کي قرار ڏئي رهيو آهي، اهو قوم جو مذاق اڏائڻ بند ڪيو وڃي

هن چيو آهي ته مري ۾ حڪومت هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينري سميت لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڇو نه رکيو، ڇا اها حڪومت جي مڪمل ناڪامي نه آهي؟ مري ۾ حڪومتي ناڪامي تي 23 جانيون ضايع ٿيون ۽ ماڻهو مصيبت ۾ ڦاٿل رهيا پر وفاقي وزير پريس ڪانفرنسن ۾ کلندي قوم جو مذاق اڏائيندا رهيا

نثار کهڙو چيو آهي ته ملڪ تي مصيبت وانگر مڙهيل حڪومت پوري ملڪ ۽ عوام کي مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ملڪ ۾ عوام جي تمام جلد هن نااهل حڪمرانن مان جان ڇڏائينداسين، وفاقي حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ 27 فيبروري کان مزار قائد کان بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ لانگ مارچ شروع ٿيندو، لانگ مارچ جي ڪاروان ۾ سنڌ مان لکين ماڻهو شامل ٿي لاهور ۽ پوءِ اسلام آباد طرف رخ ڪندا ۽ هن حڪومت مان جان ڇڏائينداسين