اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي  پارليامينٽيرينز جي ترجمان شازيه مري ڪوهه مري ۾ سياحن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته مري ۾ برفباري نالائق حڪومت کي بينقاب ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب جي نااهل وزيراعليٰ کان مري ۾ ڪم سنڀالجي نه ٿو، حڪومت جي نالائقي سبب سياحن جا موت واقع ٿيا آهن. پيپلز پارٽي جي ميان رضا رباني مري واقعي کي قومي سانحو قرار ڏيندي چيو ته ڦاٿل فيملين کي ڪڍڻ لاءِ قومي وسيلا استعمال ڪيا وڃن، هن چيو ته بدقسمتي سان ضلعي ۽ صوبائي انتظاميا موسمي حوالي سان وارننگ باوجود ماڻهن کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي، هن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي جج جي نگراني ۾ هڪ عدالتي جاچ ڪرائي وڃي جيئن صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي نااهلي جو پتو پئجي سگهجي.