مري سانحو: سي پي او راولپنڊي سميت ڪيترائي آفيسر معطل

0
207
مري سانحو: سي پي او راولپنڊي سميت ڪيترائي آفيسر معطل
مري سانحو: سي پي او راولپنڊي سميت ڪيترائي آفيسر معطل

لاهور: مري سانحي جي جاچ ٽيم پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار کي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ڪميٽي جي سفارشن تي 15 آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، انڪوائري رپورٽ ۾ خاميون ۽ ڪوتاهي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته لاڳاپيل اختياريون پنهنجا فرض نڀائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. وڏي وزير چيو ته ڊپٽي ڪمشنر کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته سي پي او راولپنڊي، سي ٽي او راولپنڊي، ڊي ايس پي ٽريفڪ ۽ اي ايس پي مري کي عهدن تان هٽايو ويو آهي ۽ ان خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي. عثمان بزدار چيو ته ڪمشنر راولپنڊي کي هٽائڻ ۽ کيس معطل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سمورن آفيسرن کي معطل ڪري سندن خلاف انضباطي ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر مري کي به سندس عهدي تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ڊويزنل فاريسٽ آفيسر مري، ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر مري، انچارج مري ريسڪيو 1122 ۽ ڊائريڪٽر پي ڊي ايم اي پنجاب کي معطل ڪيو ويو آهي.