مري سانحو: ذميواري ڊزاسٽر مئنيجمينٽ پنجاب جي سربراهه جي آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

0
214
مري سانحو: ذميواري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله مري سانحي ڪيس ۾ چيو آهي ته سموري ذميواري پنجاب ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي سربراهه جي آهي

چيف جسٽس اطهر من الله مري سانحي جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جي لاءِ مري جي رهواسين جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، اٽارني جنرل خالد جاويد خان عدالت کي ٻڌايو ته هڪ ئي مسئلو هو ته اين ڊي ايم اي قانون تي عمل نه ٿي رهيو هو

 پٽيشنر جي وڪيل چيو ته رڳو آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ ڪافي نه آهي، ايڪشن به ٿيڻ گهرجي، چيف جسٽس چيو ته قانون جي موجب ته سمورو ڪم ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جو هو، اها ڳالهه طئي ٿي وئي آهي ته پاليسي ميڪنگ باڊي جي ڪڏهن ميٽنگ نه ٿي هئي، سموري ذميواري پنجاب جي سربراهه جي آهي، هن چيو ته پٽيشن اچڻ تائين قانون تي عملدارآمد نه ٿي رهيو هو، هاڻي ان بابت ايڪشن به ورتو ويندو

 چيف جسٽس اطهر من الله جو چوڻ آهي ته عدالت قانون کي ڏسندي آهي پر صوبن ۾ به ان قانون جي تحت ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي ميٽينگز نه ٿيون هيون، جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته قانون جي موجب اهي سڀ ذميوار هوندا

اٽارني جنرل ٻڌايو ته نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪميشن جي ميٽنگ جي لاءِ اين ڊي ايم اي سفارش ڪئي آهي ته اها به هوندي، چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته صوبن ۾ ڌار اٿارٽيز به ٺهيل آهن اها انهن جي به ذميواري آهي، عدالت ان تي هدايت ڏئي سگهي ٿي ته مستقبل ۾ ايئن ٿئي ته ذميواري فڪس هجي

ھي به پڙھندا

حڪومت مري سانحي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪري ڇڏيو