مرينا خان به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وئي

0
478

ڪراچي(شوبز نيوز)مشهور پاڪستاني اداڪاره مرينا خان ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي پئي آهي.”تنهائيان“ ۽ ”ڌوپ ڪناري“ جهڙن ڪامياب ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ اداڪاره مرينا خان پنهنجي ٽيسٽ مثبت اچڻ جي خبر گذريل ڏينهن هڪ وڊيو پيغام ذريعي ڏني، اداڪاره اهو به ٻڌايو ته هن پاڻ کي 14 ڏينهن جي لاءِ ڪمري ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.هن چيو ته مون اڳ ڪورونا وائرس کي سنجيدگي سان نه پئي ورتو پر هاڻ جڏهن آئون پاڻ وٺجي وئي آهيان ته طبيعت خراب ٿي وئي آهي.اداڪاره مرينا خان ڪورونا جون علامتون ٻڌائيدي چيو ته ڪورونا هڪ حقيقت آهي، مونکي ڪورونا جي ڪري بار بار بخر ٿئي ٿو، مٿي ۾ به سور ٿئي ٿو پر شڪر آهي هاڻ مٿي جو سور ڪجهه گهٽ آهي.