لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز گوجرانوالا جي تڪ پي پي 63 تان چونڊ وڙهندي، مريم نواز چونڊ فارم حاصل ڪري ورتا آهن جيڪي اڄ رٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ جمع ڪرايا ويندا. فارم نواز ليگ جي سٽي نائب صدر شعيب بٽ وصول ڪيا، شعيب بٽ تصديق ڪندي چيو ته مريم نواز فارم وصول ڪيا آهن. هن چيو ته اشرف انصاري 2018ع جي چونڊن ۾ پي پي 63 مان ايم پي اي چونڊيو هو، اشرف انصاري نواز ليگ جي باغي ميمبرن ۾ رهيو، بعد ۾ هو نواز ليگ ۾ واپس آيو.