ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مريم نواز پيپلز پارٽي مٿان الزام هڻڻ بدران پنهنجي صفن ۾ موجود مفاد پرستن کي سڃاڻي، ڪالهه بلاول جو لهجو سياسي ۽ مريم نواز جو لهجو افسوسناڪ هو، پي ڊي ايم ۾ ڪنهن جي ڊڪٽيشن قبول ناهي، پ پ اڳواڻن ايم اين اي شازيا عطا مري، مولابخش چانڊيو ۽ شيري رحمان چيو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي ناهي ڪئي، صبر کي ڪمزوري نه سمجهو وڃي. هنن چيو ته حڪومت ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ڪورونا جي نالي تي ماڻهو ڦرجي رهيا آهن.