مريم نواز پاران وزيراعظم کي مفتاح جي شڪايت: آڊيو وائرل

0
228

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مريم نواز پاران وزيراعظم کي مفتاح اسماعيل جِي شڪايت ڪرڻ وارِي ڳالهه ٻولهه جِي مبينا آڊيو به ليڪ ٿي وئي، مريم نواز مبينا آڊيو ۾ چوي ٿي خبر ناهي ته مفتاح اسماعيل ڇا ڪري رهيو آهي، ٽي وي تي اچي ابتيون سبتيون حرڪتون پيو ڪري، هر طرف کان هن جون شڪايتون اچي رهيون آهن، ليڪ ٿيل آڊيو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چوي ٿو ته ڪجهه به ٿئي ڊار صاحب ڪنٽرول ڪري وٺندو آهي، مريم نواز چيو هن کي خبر ناهي ته هن جي حرڪتن جا ڪهڙا اثر پون ٿا، الله ڪري ڊار صاحب اچي وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم ۽ هڪ آفيسر جي مبينا آڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ آفيسر مريم نواز جو حوالو ڏئي رهيو هو ته هن پنهنجي ناٺي لاءِ پاور پلانٽ ڀارت مان گهرائڻ جو ڪم چيو آهي.