لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف لاهور ۾ فوت ٿيل پارٽي ڪارڪن علي بلال عرف ظِل شاهه جي قتل لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. فواد چوڌري پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ۽ آءِ جي پنجاب عثمان انور جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي چيو ته ظل شاهه جي موت حادثي جو نتيجو هئي ته عمران خان، حماد اظهر ۽ مون سميت پي ٽي آءِ قيادت تي ڪوڙو ڪيس ڇو داخل ڪرايو؟ هر اڳواڻ تي 60-60 ڪيس آهن اسان ڪيئن سياست ڪنداسين؟ فواد چوڌري چيو ته اسان کي هڪ ڏينهن اڳ ريلي ڪڍڻ جي اجازت ڏني وئي، ريلي جي ڏينهن اوچتو قلم 144 لاڳو ڪيو ويو. هزارين اهلڪار آڻي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. اسان جي ڪارڪنن کي مختلف گاڏين ۾ وجهندا رهيا، اهو سڀ ڪجهه وڏي وزير جي آفيس مان مانيٽر ٿي رهيو هو. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته ظل شاهه جي موت تي جوڊيشل ڪميشن ٺاهڻ جي اپيل ڪنداسين. ظِل شاهه جي قتل جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج کان جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ به وينداسين ته اهي محسن نقوي ۽ پنجاب ڪابينه کي ڪم کان روڪين. فواد چوڌري چيو ته مريم نواز جي هڪ آڊيو ليڪ ٿي آهي جنهن ۾ هو چئي رهي آهي ته واقعي کي حادثي جو رنگ ڏيڻو آهي. ظل شاهه جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ تشدد جا 26 نشان آهن. ظل شاهه جي هٿن ۽ ٻانهن تي تشدد جا نشان آهن. ظل شاهه جو قتل سڀني جي سامهون آهي. صحت واري وزير جو ڪهڙو ڪم جو اهو پوسٽ مارٽم جي لاءِ اتي وڃي. اسان هن واقعي کي ڪڏهن به نه وسارينداسين. فرخ حبيب چيو ته ظل شاهه جو قتل محسن نقوي جي مٿان آهي. نگران وڏي وزير ۽ آءِ جي پنجاب جي نيوز ڪانفرنس ظل شاهه جي قتل کي ضايع ڪرڻ جي ڪوشش آهي. حڪومت پي ٽي آءِ کي سياست نٿي ڪرڻ ڏيڻ چاهي.