اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرووزير راڻا ثناءُ الله مريم نواز جي ڏيهه واپسي جو باظابطا اعلان ڪري ڇڏيو. پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته ن ليگ جي چيف آرگنائزر مريم نواز 28 هين جنوري تي وطن واپس پهچندي. هن چيو ته مريم نواز 27 هين جنوري تي لنڊن کان دبئي لاءِ رواني ٿيندي ۽ 28 ڊسمبر تي شام پنجين وڳي لاهور جي علامه اقبال هوائي اڏي پهچندي.