لنڊن (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نوازشريف جي ملڪ واپسي جو نئون شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. پاڪستان مسلم ليگ(ن) موجب مريم نوازشريف جي 22 جنوري تي ملڪ واپسي جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي. ليگي اڳواڻ مريم نواز هاڻ 22 جنوري جي بجاءِ 29 جنوري تي ملڪ واپس اچڻ جو امڪان آهي. مريم نواز 29 جنوري جي شام 4 وڳي لاهور ايئرپورٽ پهچندي. مريم نواز 27 جنوري تي لنڊن مان پاڪستان جي لاءِ رواني ٿيندي. پاڪستان اچڻ کان اڳ هو هڪ ڏينهن دبئي ۾ ترسندي. ملڪ واپسي تي مريم نواز لاهور ايئرپورٽ تي ڪارڪنن ۽ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ اها خبر سامهون آئي هئي ته مريم نوازشريف 22 جنوري تي پاڪستان پهچندي ۽ هيٺين سطح تائين پارٽي کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ذميوارن کي نيون ذميواريون ڏيندي. ٻئي طرف ڪالهه لنڊن ۾ صحافين مريم نواز کان سوال پڇيو ته توهان 25 جنوري تي واپس ويندا يا وري 29 تي؟ مريم نواز چيو ته واپسي جو قطعي فيصلو ٿيڻ بعد توهان کي ٻڌائينديس.