اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو مامرن جي وفاقي وزير رانا ثناءُالله لنڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي،  گهرو وزير رانا ثناءُالله مريم نواز جي واپسي تي استقبال بابت تيارين جي حوالي سان نواز شريف کي بريفنگ ڏيندي چيو ته چيف آرگنائيزر مريم نواز جي وطن واپسي تي سندس زبردست استقبال ڪيو ويندو، مريم نواز 28 جنوري ڇنڇر  ڏينهن منجهند جو 3 لڳي 5 منٽن تي لاهور پهچندي.