مريم نواز: اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو مطالبو

0
178
مريم نواز: اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد
مريم نواز: اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو مطالبو

نون ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد جو ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

 پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ مريم نواز چيو ته فيض حميد چئن سالن دوران عمران خان جي حڪومت جي حمايت ڪري ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو

مريم نواز الزام هنيو ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف 2 سال نون ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ به ڪردار ادا ڪيو، غير آئيني ڪردار ادا ڪرڻ تي فيض حميد کي عبرت جو نشان بڻائڻ گهرجي ۽ سندس ڪورٽ مارشل ٿيڻ گهرجي

هن چيو ته، فيض حميد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت صديقي جي گهر ويو، هن جج کي چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي ضمانت نه پر سزا ڏيڻي آهي

هن کي به پڙهندا

عمران خان 13 مارچ تي به عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته گرفتار ٿيندو: راڻا ثناءُ الله

عام چونڊون ڊجيٽل آدمشماري تحت ئي ٿينديون: اعظم نذير تارڙ

لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي ريلي دوران ڇڪتاڻ: ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

پنجاب ۾ چونڊن جو شيڊول جاري: ڪي پي جي گورنر سان گڏجاڻي بنا نتيجي ختم