مريم جو مستقبل

0
250
مريم جو مستقبل

  هوءَ جيڪا ڦلجهڙيءَ وانگر ٻري ۽ هاڻي وسامڻ جي ويجهو آهي. هن جو قصور وارو جلسو ان جوت جهڙو هو، جيڪا جوت وسامندڙ شمع جي پوئين ڀڙڪي جهڙي هوندي آهي. هن جو آغاز بهترين هو. ڇا هاڻي هوءَ سياسي طور تي بدترين انجام طرف وڌي رهي آهي؟

                 اهي سوال ۽ ان جهڙا ٻيا سوال هن مهل صرف مسلم ليگ تائين محدود ناهن. سياسي ۽ صحافتي حلقا هن جي حوالي سان پنهنجا پنهنجا خيال پيش ڪن ٿا. انهن خيالن ۾ تمام گهڻا تضاد آهن پر پوءِ به اهي سمورا ان هڪ نقطي تي اتفاق ڪندي نظر اچن ٿا ته مريم نواز جي سياسي مستقبل کي نقصان پهچائڻ ۾ هن جي چاچي ميان شهباز شريف جو بنيادي ڪردار آهي. جيڪڏهن هو هڪ سال هي حڪومت قبول نه ڪري ها ته عمران خان لاءِ پنجاب کي پنهنجو ڪرڻ صرف مشڪل ئي نه پر ناممڪن هجي ها. پر سوال هڪ سال جي اقتدار جو نه هو، سوال صرف شهباز شريف جي حسرت جي تڪميل جو به نه هو، سوال اهو به نه هو ته ڪو عمران خان کي گهر موڪلي شهباز شريف کي هن کان انتقام وٺڻو هو. ميان شهباز شريف جي پاران اقتدار قبول ڪرڻ ۽ شهباز شريف جي سرڪار کي نواز شريف پاران مجبوريءَ سان ئي سهي، تسليم ڪرڻ جي پويان اصل ۾ ٻه فيڪٽر هئا. هڪ ته شهباز شريف کي ڪيسن مان آجو ٿيڻ ۽ گرفتاريءَ کان بچڻ لاءِ اقتدار قبول ڪرڻ ضروري ٿي پيو هو. ٻيو ته هن کي ۽ هن جي وڏي ڀاءَ کي به اهو اندازو نه هو ته عمران خان اقتدار مان نڪرڻ کان پوءِ ايترو گهڻو مقبول ٿي ويندو، جو پنجاب هن کي نه صرف پنهنجو ڪندو پر هن پويان پنجاب جو چڱو خاصو انگ پاڳل ٿي پوندو ۽ هو پنجاب مسلم ليگ (ن) لاءِ تتل واريءَ جو روپ اختيار ڪري وٺندو. مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻن کي به ان جو خدشو نه هو. اها مريم نواز هئي، جنهن جو خيال هو ته هڪ سال جو اقتدار حاصل ڪرڻ جو عمل پنهنجي پير تي ڪهاڙي هڻڻ جهڙو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ثابت اهو ٿيو ته هن جو موقف درست هو.

شهباز شريف تمام گهڻي محنت سان پنهنجي ڀاءَ ۽ مسلم ليگ جي سينيئر اڳواڻن کي مڃرايو هو ته اقتدار ۾ اچي هو پنهنجي ڪاميابيءَ جا رستا جوڙي وٺندا. پر انهن کي ان جو اندازو نه هو ته پاڪستان جي معاشيات جو ٻيڙو هنن جي هٿان ٻڏڻو هو ۽ انهن جي مٿان اقتصادي تباهيءَ جي پوري ذميواري عائد ٿيڻي هئي ۽ ان سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) کي نقصان ٿيو ئي ٿيو پر سڀ کان وڌيڪ قيمت ان عورت کي ادا ڪرڻي پئي، جنهن جي حوالي سان هن جا مخالف به اهو مڃڻ لڳا هئا ته مريم نواز کي وزيراعظم ٿيڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگهي. پر هن جي چاچي جي سياسي چونڊ هن جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان جو سبب بڻي. هن مهل پاڪستان جي سياسي حلقن ۾ مريم نواز جي سلسلي ۾ مباحثا جاري آهن. هڪڙن ماڻهن جو خيال آهي ته مريم نواز هڪ اهڙي اس هئي، جيڪا سياسي سج سان گڏ ختم ٿي وئي. جڏهن ته ڪجهه حلقن کي اڃان به هن ۾ اميد آهي ته هوءَ وري ٻيهر اڀري سگهي ٿي، ڇو ته سياست ۾ ڪِرڻ ۽ ڪِري اٿڻ ممڪن هوندو آهي. عمران خان ان سلسلي جو سڀ کان مضبوط مثال آهي. جيڪڏهن عمران خان جو لٿل سج ٻيهر اڀري سگهي ٿو ته پوءِ مريم نواز جو ڇو نه؟

مريم نواز صرف ان اميد تي تمام گهڻي محنت ڪري رهي آهي. هوءَ جنهن سخت مصروفيت ۾ وقت گذاري ٿي، ان جو اندازو صرف مسلم ليگ (ن) جي اندرئين حلقي کي نه پر انهن صحافين کي به آهي، جيڪي مريم نواز سان ويجها آهن. انهن کي معلوم آهي ته مريم نواز هڪ ئي وقت ٽن محاذن تي مصروف عمل آهي. هڪ ته هوءَ پنهنجي پارٽيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ اختلافن ۽ انهن اختلافن جي ڪري پارٽيءَ ۾ ڀڃ ڊاهه جي عمل کي روڪڻ جي سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي ۽ ٻيو ته هوءَ عمران خان جي وڌندڙ مقبوليت جو مقابلو ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڇڏڻ جي لاءِ تيار ناهي. ٽيون ته هوءَ پنهنجي پارٽيءَ کي ايندڙ چونڊن جي حوالي سان تيار ڪرڻ واري سڀ کان مشڪل مرحلي ۾ تمام گهڻي مصروف آهي. مريم نواز کي معلوم آهي ته محنت جو ٻيو ڪو به نعم البدل نه هوندو آهي. هوءَ اڻٿڪ پورهيو ڪرڻ لاءِ ذهني طور تي تيار به آهي ۽ ان عمل ۾ سرگرم به آهي. هن کي پورو يقين آهي ته هوءَ پنهنجي محنت ۽ مشقت سان عمران خان کي سياسي طور تي شڪست ڏئي سگهي ٿي.

مريم نواز جي ماضيءَ ۽ هن جي حال جي حوالي سان جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته اها ڳالهه واضح طور تي سمجهه ۾ اچي ويندي ته مريم نواز ماضيءَ جي مقابلي ۾ پنهنجي ذات ۾ تمام گهڻي بهتري آندي آهي. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن هوءَ ايتري پرڪشش نظر نه ايندي هئي ۽ نه وري هن جي انداز ۽ اظهار ۾ ايترو دم خم هو. پر هاڻي نه صرف هوءَ بهتر تقرير جي صلاحيت حاصل ڪري وئي آهي پر هن ۾ ميڊيا کي منهن ڏيڻ ۽ مشڪل سوالن کي پراعتماد انداز سان ٻڌڻ ۽ انهن جا پرسڪون جواب ڏيڻ جي صلاحيت به پيدا ٿي وئي آهي.

پاڪستان ۾ سياستدانن جي ذاتي زندگين جي مٿان گهڻو ڪري مصلحتن جا پردا پيل هوندا آهن. ان حوالي سان عوام کي اهو پتو نه پوندو آهي ته جنهن سياسي ڪچن ۾ جيڪو ٻوڙ ٺهي ٿو، ان جي ترڪيب ڪهڙي آهي ۽ اهو سياسي ڊش جنهن ۾ تمام گهڻي لذت آهي، اهو ڪهڙي بورچيءَ جي هٿن جو ڪارنامو آهي؟ اسان کي بلاول جي حوالي سان ڄاڻ آهي ته بلاول جي تربيت ڪرڻ ۾ ڪهڙي ٽيم جو هٿ آهي پر اسان کي هن مهل تائين اهو معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته مريم نواز ۾ سياسي نکار پيدا ڪرڻ ۾ ڪهڙن ماهرن ڪردار ادا ڪيو آهي. اها ٽيم ڪهڙي آهي؟ جنهن مريم کي پنهنجي والد ۽ پنهنجي چاچي کان بهتر لفظن جي چونڊ جو فن ڏنو آهي. مريم جي شخصيت ۾ انهن مالهين جو اهم ڪردار آهي، جن شخصيت جي مٽيءَ ۾ پنهنجي محنت شامل ڪئي آهي. ان ڪري هوءَ تمام گهڻي سمجهدار به ٿي وئي آهي ۽ سياسي طور تي هن جي هوشياريءَ کان انڪار ڪرڻ معروضي(Objective)  سچائيءَ کان انڪار هوندو.

عمران خان مريم نواز کي پنهنجي لاءِ تمام وڏو سياسي خطرو سمجهندو هو. خاص طور تي ان دور ۾، جڏهن هو وزير اعظم هو ۽ هن جي سياسي شهرت جي چنڊ آڏو مهانگائيءَ ۽ خراب حڪمرانيءَ جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا هئا ته ان وقت عمران خان کي محسوس ٿي رهيو هو ته مريم نواز ان فاسٽ بالر وانگر سياسي ميدان ۾ لٿي آهي، جنهن جو مقابلو هڪ ڪمزور ۽ ٿڪل بيٽس مين ڪندو هجي. اها مريم نواز جي سياسي بالنگ هئي، جنهن عمران خان کي سڪ ڪري ڇڏي هو ۽ هو ان پوزيشن ۾ نه هو ته مريم جي ڪنهن به سياسي بال تي ڇڪو يا چونڪو هڻي سگهي. هو سمورو وقت صرف پنهنجي وڪيٽ بچائڻ جي چڪر ۾ هو. هو مريم نواز کي ان مهل جنهن ساڙ ۽ جنهن خار سان تنقيد جو نشانو بڻائيندو هو، ان سان هو عوام جون همدرديون حاصل ڪرڻ بدران وڌيڪ وڃائڻ جو سبب بڻبو هو.

مريم نواز پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ دل ڪشادي ڪري آئي. هن جهڙي طرح بلاول جي مٿان هٿ رکيو، هن جهڙي ريت ڳڙهي خدا بخش وڃي بينظير ڀٽو جي مزار تي فاتح خواني ڪئي، هن جهڙي ريت عوامي جلسن ۾ عوام جا جذبات پنهنجي حق ۾ ڪرڻ جي ابتدا ڪئي، هن جي اهڙي اڀار سبب ته پيپلز پارٽيءَ کي به پريشاني وڪوڙي وئي. پيپلز پارٽيءَ کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو هو ته مريم نواز وڏي چالاڪيءَ سان بلاول مٿان هٿ رکي هن جو سياسي قد گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اهوئي سبب هو ته پيپلز پارٽيءَ پي ڊي ايم جي هڪ ميٽنگ ۾ مريم نواز کي ايترو ته مايوس ڪيو ويو، جو هن جي بلاول جي حوالي سان دل هيمشه لاءِ ڀڄي پئي. هاڻي به هن جا بلاول سان اها ويجهڙائي ناهي، جيڪا ماضيءَ ۾ هوندي هئي.

مريم نواز لاءِ اهو مشڪل آهي ته هوءَ هن ڀيري پنجاب کي پنهنجي حق ۾ ڦيرائي وڃي. جيتوڻيڪ مسلم ليگ (ن) اڃان تائين پنجاب جي معاشرتي جوڙجڪ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪندڙ ڪندڙ برادريءَ جي نظام ۾ به مضبوط جڙون رکي ويٺي آهي. جيڪڏهن ڪوئي اهو چوي ٿو عمران خان مسلم ليگ (ن) کي مڪمل طور تي ملياميٽ ڪري ڇڏيو آهي ته اهو خيال ڪنهن  پي ٽي آءِ جي پرواني ۽ عمران خان جي ديواني جو ئي ٿي سگهي ٿو، ڇو ته مسلم ليگ کي هن مهل به پنجاب جي برادرين جي ڀرپور حمايت حاصل آهي. مريم نواز جو قصور وارو جلسو ان حمايت جي صرف هڪ جهلڪ هو. عمران خان سان پنجاب جو شهري مڊل ڪلاس ساٿ ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي. ٻيو ته عمران خان پنهنجي تحرڪ سان هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب مسلم ليگ (ن) ۽ ٻيون پارٽيون پسمنظر ۾ هلي ويون آهن پر ان جو مطلب اهو نه وٺڻ گهرجي ته ڪو انهن جو وجود باقي ناهي. اهي وجود رکن ٿيون ۽ وقت اچڻ تي انهن جو ڪردار به ادا ٿيندو. هن مهل پوري منظر تي عمران خان ڇانيل آهي. پر هر جهڙ کي اهو معلوم هجڻ گهرجي ته ان جو هڪ مخصوص وقت هوندو آهي. ڪو به جهڙ هميشه لاءِ آسمان کي يرغمال رکي نه ٿو سگهي. هڪ وقت اهڙو به ايندو، جڏهن عمران خان جو جهڙ هٽي ويندو. ان وقت پاڪستان جي سياسي افق تي ڪنهن جي صورت جڳ مڳائيندي؟ پيپلز پارٽيءَ کان ته ان سلسلي ۾ پڇڻ جي ڪا ضرورت ناهي ۽ هر پارٽيءَ کي پنهنجو سياسي آئيندو روشن نظر ايندو آهي.

مريم نواز جي سلسلي ۾ مسلم ليگ (ن) کي نه پر پاڪستان جي سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ ڪافي ماڻهو محسوس ڪن ٿا ته هڪ بهتر مستقبل مريم جو منتظر آهي، پر هن جي اها امڪاني ڪاميابي ڪيترو جٽاءُ ڪندي؟ ان سوال جو جواب ڪنهن کي به معلوم ناهي.