اسلام آباد (م ڊ) وفاقي سرڪار لاهور پوليس چيف غلام محمود ڊوگر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو. وفاقي حڪومت ڪيپيٽل سٽي پوليس آفيسر (سي سي پي او) لاهور غلام محمود ڊوگر کان خدمتون واپس ورتيون ۽ کيس اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سي سي پي او لاهور پنجاب حڪومت جي حڪم تي وفاقي وزير ميان جاويد لطيف ۽ مريم اورنگزيب خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو هو. آءِ جي پنجاب هي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ٻئي طرف وززيراعليٰ پنجاب پرويز الاهي سي سي پي او لاهور کي چارج ڇڏڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، وڏي وزير پرويز الاهي سي سي پي او لاهور جي بديلي تي وفاقي حڪومت سان احتجاج به ڪيو آهي،  پرويز الاهي چيو ته وفاقي حڪومت  انتقام ۾ انڌي ٿي چڪي آهي،  سي سي پي او کي وفاقي حڪومت نه هٽائي سگهي ۽ نه وري بدلي ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي.