ڪراچي: ڪورنگي جي جنرل اسپتال ۾ مريضن کي 9 مهينن دوران پوڻن ٻن ڪروڙ رپين جو کاڌو کارائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ صحت کاتي پاران ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي. صحت جي صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو جي هدايتن تي ڊي جي صحت ارشاد ميمڻ پاران ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر نديم اختر کي چيئرمين جڏهن ته ڊاڪٽر عارف رشيد ۽ ڊاڪٽر حسن علي جلباڻي کي ميمبر طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڪميٽي 9 مهينن دوران اسپتال ۾ داخل مريضن، بسترن جي دستيابي، کاڌي جي معيار، اسٽاڪ انٽريز، وينڊر جي اهليت ۽ ادائگي سميت سمورن پهلوئن جو جائزو وٺندي. کاڌي جي بجيٽ کان علاوه مجموعي بجيٽ ۽ استعمال کي چيڪ ڪري 7 ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪندي ۽ گهوٻين ۾ ملوث عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.