اوٻاوڙو (ن پ ا) مريد شاخ ڀرسان گذريل  ڏينهن گلف شوگر مل وٽان ٽريڪٽر ڊرائيور نوجوان 30 سالن جي نادر علي پٽ اڪبر دشتيءَ جو مبينا طور تشدد ٿيل لاش هٿ آيو. علائقي واسين لاش ڏسي کنڀڙا پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٽريڪٽر ڊرائيور جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايو، جتي اسپتال ۾ ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري لاش 3 ڪلاڪن تائين پيل رهيو. وارثن ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري اسپتال ۾ احتجاج ڪيو، بعد ۾ ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي فوتي نوجوان جو پيءُ محمد اڪبر دشتي ۽ چاچي لياقت علي ٻڌايو ته اسان جو نوجوان ٽريڪٽر ڊرائيور هو، جيڪو ڪمند جي ٽرالي ڀري گلف شوگر مل ويو هو، اسان کي نوجوان جي فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو. نوجوان کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي. اسان جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي. هنن پوليس اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن کنڀڙا پوليس سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان جي فوت ٿيڻ جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته کيس ڪنهن قتل ڪيو يا ٽريڪٽر هيٺان اچي فوت ٿيو آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو، نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.