مريد شاخ (ن پ ا) مريد شاخ ڀرسان پنجاب جي  علائقي رحيم يار خان ٽرنڊا وٽ مسافر بس بريڪ فيل ٿيڻ سبب ريلوي ڦاٽڪ سان ٽڪرائي وئي، نتيجي ۾ ٽرين جي انتظار ۾ ويٺل مسافرن مان هڪ ڄڻو موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 4 ڄڻا سليمان، نويد، انور ۽ ٻيا سخت زخمي ٿي پيا. ريسڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ فوتين کي کڻائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو. فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. حادثي بعد ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. پوليس بس کي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيو آهي.