مريد شاخ (ن پ ا) کنڀڙا پوليس پاران جوابدار کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ. پوليس موجب مريد شاخ لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڀارا روڊ تي هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو. مقابلي بعد پوليس هڪ جوابدار عارف لولائيءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس ترجمان موجب فرار ٿي ويل ٻن هٿياربندن سائين ڏنو ڪوش ۽ هڪ نامعلوم جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل جوابدار عارف لولائيءَ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جي دعويٰ موجب گرفتار جوابدار ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ سندس قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.