کپرو: اڇڙي ٿر جي مريدن خليفي احمد راڄڙ خلاف چيف خليفي کي شڪايتون ڪيون پر ڪجهه نه ٿيو، احتجاج طور ڏن جي رقم ڪروڙين رپيا خليفي کي ڏيڻ بدران سڌو سنئون درگاهه جي خزاني ۾ جمع ڪرائي، خبرموجب حر جماعت جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب اڇڙي ٿر جي خليفن جي مبيا زيادتين خلاف اڳ به ڪيترائي ڀيرا شڪايتون چيف خليفي قادر بخش منڱريو کي ڪيون ويون هيون، جن ۾ چيو ويو هو ته خليفو احمد راڄڙ پئسن عيوض مسڪين ماڻھن جا حق ھڙپ ڪرڻ لاءِ  غلط فيصلا ڪرائي ماڻھن کي وڙھائي ٿو، انهن شڪايتن باوجود به هن خلاف ڪا ڪاروائي نه  ٿي، گذريل سال رجب مهيني ۾ اڇڙي ٿر 52 دعوت مان ست اڇڙي ٿر جي دعوتن جي خليفن سالياني فراض يا پيراڻو ڪروڙين روپيا ڏن جيڪو درگاهه شريف جي اصول موجب دعوت جي خليفي وٽ جمع ڪرائڻو آهي اهو احتجاج طور درگاهه جي خزاني جي انچارج چيف خليفي سامهون خزاني ۾ جمع ڪرايو هو.