جيڪب آباد: ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا مريض معاشري سميت خاندان جي ماڻهن جي روين کان مايوس ٿيل آهن ڳڙهي خيرو جي علائقي واسي ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٻار جي پيءُ شناخت ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو ته ايڊز ۾ مبتلا مريض کي اذيتن مان گذرڻو ٿو پوي ڇو ته ايڊز مرض ظاهر ٿيڻ کانپوءِ معاشري جا ماڻهو توڙي خاندان جا اڪثر ماڻهو به سوشل بائيڪاٽ ڪري ڇڏن ٿا جنهن سبب مريض توڙي ان جا گهر وارا مايوس ٿيڻ سان گڏوگڏ روين جي تبديلي سبب اذيتن کي منهن ڏئي رهيا آهن جنهن سبب اڪثر ماڻهن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته معاشري سان گڏ رهڻ لاءِ مرض کي راز ۾ رکيو وڃي.