مرزاپور(ن پ ا) مرزاپور ۾ رفيق جوڻيجو جي ڪرياني دڪان جا تالا ٽوڙي هڪ لک روڪ، سولر پليٽ، بيٽري ۽ ٻيو سامان کڻي ويا.ڳاهيجا پوليس چوري بابت تفصيل معلوم ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.عطاءَالله جوڻيجو، راجا جوڻيجو، ياسين جوڻيجو احتجاج ڪندي دانهيندي ٻڌايو ته چور دڪان جا تالا ٽوڙي هڪ لک روڪ، سولر پليٽ، بيٽري ۽ ٻيو لکين رپين جو سامان کڻي ويا آهن.هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي چورن خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺ ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي