مدئجي /مرزاپور (نمائندن وٽان ) جهٻرشيخ ٿاڻي جي حد ۾ هلندڙ ڪلهوڙا جوڻيجا خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو. ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي وئي،ڪلهوڙا ڌر جو ارشاد پٽ مور ناريجو مارجي ويو، جڏهن ته قربان ڪلهوڙو، وهاب، صابر ڪلهوڙو سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس پهچي فائرنگ بند ڪرائي واقعي جي ڇهن ڪلاڪن بعد پوليس لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاء تعلقي اسپتال پهچايو جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد پوليس پهري ۾ ڳوٺ نيو ويو جڏهن ته زخمين جو علاج هلندڙ آهي.ان حوالي سان ڪلهوڙا ڌر جي چڱي مڙس ميرل ڪلهوڙو سان موقف وٺڻ لاءِ بار بار رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جهٻر شيخ ٻڌايو ته ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ ڪلهوڙا ڌر جو ارشاد پٽ مور ناريجو مارجي ويو آهي، واضح رهي ته ڪجهه سال اڳ ڪلهوڙا جوڻيجا ڌرين ۾ چوري معاملي تان جهيڙي ٿيو هو. جنهن ۾ هن وقت تائين 10 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا آهن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ ايس ايس پي شڪارپور ٻڌايو ته جهيڙي واري هنڌ پوليس نفري موڪلي آهي جيئن وڌيڪ خون ريزي نه ٿي، هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته سمجهون ٿا ٿاڻن تي اسٽاپ جي کوٽ آهي، ۽ موبائيل خراب آهن. 1000-1500 جايون خالي آهن، 400 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ٽريننگ تي ويل آهن.