مدئجي/ مرزاپور (نمائندن وٽان) مدئجي جي ڪچي ۾ پراڻي تڪرار تان ڪلهوڙا- جوڻيجا خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو جهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مصري جي وانڍ ۾ هٿياربندن مبينا گهر تي چڙهائي ڪري فائرنگ ڪئي،23 سال جو نوجوان غوث بخش ولد مولا بخش جوڻيجو موقعي تي قتل ٿي ويو، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مدئجي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. منظور جوڻيجو ٻڌايو ته ڪنهن سان به دشمني ناهي، هنن الزم هنيو ته ڪلهوڙا برادري جي هٿياربندن گهر تي چڙهائي ڪري نوجوان کي قتل ڪيو، نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.ٻئي طرف الزم هيٺ آيل ڪلهوڙا ڌر جي چڱي مڙس حفيظ ڪلهوڙو سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته غوث بخش جوڻيجو کي اسان قتل ناهي ڪيو، ڪوڙو الزام مڙهيو ويو آهي، اسان جي دشمني ڊرگهپور واسي جوڻيجا برادري سان آهي  هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جهٻر ٻڌايو ته ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار هلندڙ آهي جنهن ۾ نوجوان مارجي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.ياد رهي ته ڪلهوڙا- جوڻيجا تڪرار تان 10 کان مٿي ماڻهو مارجي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن.