مدئجي/ مرزاپور (نمائندن وٽان) 20 ميل ٿاڻي جي حد فقير ڳوٺ ۾ ڀاءُ ضمير جوڻيجو هٿان قتل ٿيل ظهيران ڌيءَ قيصر جوڻيجو جو ڪيس   سندس امڙ منظور خاتون جي فرياد تي داخل ڪيو ويو. فريادڻ موقف اختيار ڪيو ته پٽ ضمير ماني ۾ دير ڪرڻ تي ظھيران کي قتل ڪيو، ھوڏانھن ايس ايچ او 20 ميل جو چوڻ آهي ته قتل ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار کي به جلد گرفتار ڪبو.اعتماد جوڳن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ناري ظهيران جوڻيجو کي جوابدار ڀاءُ ساڳي ڳوٺ جي نوجوان سان ڪارنهن جو الزام مڙهي قتل ڪيو.پوليس مقتولا جي وارثن کان رشوت وٺڻ بعد ڪارنهن مامري کي لڪائي گهرو اڻبڻت ڄاڻايو آهي.ٻي طرف ناري جو شڪارپور مان پوسٽ مارٽم بعد لاش ڳوٺ آڻڻ بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.