مرزاپور(ن پ ا) ڳاهيجا ٿاڻي جي حد مرزاپور ۾ چور حاجي رحمت الله جوڻيجو جي زمين تي لڳل پاڻي واري بيڪو مشين چوري ڪري ويا، پوليس مالڪن سان گڏ ڪتن جي مدد سان پيرو کنيو جيڪو مرزاپور جي رھواسين جوڻيجا برادري جي گھرن ۾ لڳو، پوليس شڪ جي بنياد تي ٽن ڳوٺاڻن الطاف جوڻيجو، انعام ۽ طوطو جوڻيجي کي کڻي ٿاڻي تي لاڪب ڪري ڇڏيو.