مرزاپور (ن پ ا) مرزاپور ڀرسان قتل ٿي ويل انڙ برادري جي نوجوان جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو پهتو، ميڙ منٿ قافلي کي مان، فيصلي لاءِ راضپو ظاهر، 19 جون تي فيصلي جي تاريخ مقرر، خبر موجب جوڻيجا ۽ انڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستو ڪراس ڪرڻ واري معمولي ڳالھه تان جهيڙي دوران ڏنڊا ۽ لٺيون لڳڻ سبب نوجوان سراج انڙ مارجي ويو هو، ان ڏس ۾ جي ڊي اي ايم اين اي غوث بخش مهر، عدنان انڙ، رشد الله امروٽي، ميان ذوالفقار پيرزادو، بخشل ڪيهر، احمد نواز ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميڙ منٿ قافلو مقتول نوجوان جي وارثن وٽ ڳوٺ انڙ پهتو، جتي انڙ برادري جي چڱن مڙسن نورالدين انڙ، خير محمد انڙ، ربنواز انڙ ۽ ٻين ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي فيصلي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو، جنهن بعد ڌرين پاران عدنان انڙ ۽ غوث بخش مهر جي سرپئنچي هيٺ 19جون تي انڙ هائوس لاڙڪاڻو ۾ فيصلو رکيو ويو.