مرد جي ضرورت ناهي: برازيلين ماڊل پنهنجي پاڻ سان شادي ڪري ڇڏي

0
509
مرد جي ضرورت ناهي

ڪراچي(م ڊ) ماضي ۾ پنهنجي لاڳاپن سان مايوس برازيل سان واسطو رکڻ واري ماڊل ڪرس گيليرا پنهنجي پاڻ سان شادي ڪري ڇڏي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪرس گيليرا مردن تي يقين ڪرڻ ۽ پوءِ ان جي بي وفائي کان ٿڪجي پنهنجي زندگي تن تنها گذارڻ جو فيصلو ڪندي سمورو وقت ۽ پيسو پاڻ تي خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪرس گيليرا جو چوڻ آهي ته پهرين هوءَ سوچيندي هئي ته خوش رهڻ ۽ تنهائي کان بچڻ جي لاءِ هن کي رشتي ۾ رهڻ جي ضروت آهي، پر اڪيلي رهي ڪري وقت گذارڻ کانپوءِ هن محسوس ڪيو ته خوش رهڻ لاءِ ڪنهن به مرد جو گڏ هجڻ ضروري نه آهي.

ماڊل جو چوڻ آهي ته مان هڪ اهڙي مقام تي پهتي آهيان جتي مون کي لڳو ته مان ميچور آهيان، مون محسوس ڪيو ته مان هه مضبوط ۽ پر عزم عورت آهيان، مان هميشه اڪيلي رهڻ کان ڊڄندي هئس پر هاڻي ائين ناهي.

ڪرس پنهنجي شادي جي تقريب ۾ ويجهي دوست سوڌو رشتيدارن کي دعوت ڏني، پر تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد کيس تنقيد جو نشانو بڻيو پيو وڃي.