مردان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو، 19 تعليمي ادارا بند

0
144
مردان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو، 19 تعليمي ادارا بند
مردان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو، 19 تعليمي ادارا بند

ڪراچي (م ڊ) مردان ۾ ڪورونا ڪيسز رپورٽ ٿيڻ تي 19 تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي

ڊپٽي ڪمشنر مردان ۾ ڪرونا ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ 19 تعليمي ادارا 10 ڏينهن لاءِ بند ڪري ڇڏيا، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته انجنيئرنگ يونيورسٽي مردان ۽ ڪاليج آف مئنيجمينٽ سائنسز سميت 17 اسڪول بند ڪيا ويا آهن

ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ڪورونا کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن ۽ مردان ۾ هن وقت تائين 42 تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن

 

ھي به پڙھندا

پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 27 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا