مراد علي شاهه ۽ سردار شاهه سنڌي ادبي بورڊ جي ڪم ۾ رنڊڪون وجهن ٿا: مخدوم سعيد الزمان

0
426

ڪوٽڙي: سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سردار شاھ کي ڏوراپا ڏيندي چيو آهي ته  ٻئي سيد بورڊ جي معاملن ۾ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيا آهن

هن چيو ته وڏو وزير سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌ جي قومي اداري سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڪو به ٻوٽو ناهي ٻاريو،  سنڌي ادبي بورڊ کي سنڌ جي بجيٽ مان ائين نظرانداز ڪيو آهي ڄڻ ته ادبي بورڊ حڪومت سنڌ جي ماتحت ئي نه هجي

بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو ته سنڌي ادب لاءِ 75 سالن کان مٿي هن اداري جون خدمتون آهن ان باوجود وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه کي سنڌي ادبي بورڊ نظر نٿو اچي

هن چيو ته سردار شاهه اسان جي اداري جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ ڪم ڪار ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي، افسوس آهي ته ٻئي سيد قومي اداري جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ ان اداري لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيا آهن

هن چيو ته ايجوڪيشن منسٽر سيد سردار شاهه کي آئون چوندس ته هو اسان جي اداري جي مالڪي نٿو ڪري ته رڪاوٽون به پيدا نه ڪري، ايئن ڪرڻ کيس نٿو جڳائي

بورڊ چيئرمين مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ چيو ته هن وقت  مهانگائيءَ جي دؤر ۾ بورڊ جي گرانٽ مان وڏي رقم  صرف ملازمن جي پگهارن ۽ رٽائرڊ ٿيندڙ ملازمن جي پينشن ۾ خرچ ٿي وڃن ٿاهن چيو ته ڪتاب وقت سر شايع ڪرڻ ۾ پريشاني ٿئي ٿي،  خواهش آهي ته جديد ٽيڪنالوجي ۽ سوشل ميڊيا واري دور ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي وڌ کان وڌ جديد بڻايون

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ برسات دوران هيل تائين 47 ٻارن سوڌو 93 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا آهن: وڏو وزير

عمران خان اقتدار جي محبت ۾ ملڪ جي محبت وساري ڇڏي آهي: وڏو وزير