اسلام آباد: ذريعن موجب سي سي آءِ اجلاس دوران سنڌ جي وڏي وزير 2017ع جي آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ تي اعتراض واريو ته وفاقي وزير علي زيدي سنڌ جي وڏي وزير سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان کي آدمشماري تي اعتراض ڪهڙا آهن؟ اهي تحريري طور تي ڏيو، جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه ۽ علي زيدي وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي. هوڏانهن سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب “پنهنجي اخبار” پاران رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪئي ته سنڌ جي وڏي وزير 2017ع جي آدمشماري جو نوٽيفيڪشن جاري ڪرڻ تي اعتراض واريو آهي، سنڌجي وڏي وزير 5 سيڪڙو سينسز بلاڪن جي آڊٽ ڪرائڻ بابت سي سي آءِ پاران ڪيل فيصلو به ياد ڏياريو ويو.