ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي گورنر مران اسماعيل ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن فلاحي ادارن پاران اعليٰ تعليم لاءِ مستحق شاگردن کي اسڪالر شِپ ڏيڻ جي حوالي سان گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن تحت ڪي ايف سي 2 ڪروڙ 40 لک رپين جي اسڪالر شپ ڏئي رهي آهي، ميڊيا ورڪر به اعليٰ تعليم پرائين، 1600 اسڪولز آمريڪي حڪومت جي سهڪار سان بهتر ٿي رهيا آهن. جيڪب آباد ۾ پاڻي جي منصوبي تي به ڪم ڪريون پيا. فواد چوڌري پاران ايس او پيز بابت ڏنل بيان سنڌ جي وڏي وزير نه پر سڀني لاءِ هو، هن چيو ته ڪراچي پيڪيج تي تيزي سان عمل ٿي رهيو آهي، جلد وزيراعظم ڪراچي اچي افتتاح ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ مينهون ٻڌل هونديون آهن. خبر ناهي ڇو سنڌ جو وڏو وزير وزيراعظم جو نالو ٻڌي گھٻرائجي ويندو آهي؟ وزيراعليٰ صاحب! توهان کي گھٻرائڻو ناهي. هن چيو ته ڊسڪا وانگر اين اي 249 تي به ٻيهر چونڊ ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته آئون ڪنهن سياسي سرگرمي ۾ نه هئس پر پوءِ به الزام لڳو، جيڪو سمجهه نه آيو، هن چيو ته پي ٽي آءِ ايندڙ حڪومت به ٺاهيندي. تقريب ۾ آمريڪي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽن، ڪي ايف سي جو سي اِي او رضا پير، اورنج ٽري فائونڊيشن جو سي اي او عمر متين الله والا موجود هئا