اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان ڪالھه ٻئي ڏينهن تي به  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير آدمشماري بابت سنڌ جي اعتراضن کان وزير اعظم کي تفصيلي آگاهي ڏني، ذريعن مطابق وڏي وزير آدمشماري جي عملي کي مڪمل فنڊ جاري نه ٿيڻ سبب آدمشماري جي حوالي سان  مڪمل ڪوريج نه ٿيڻ جا خدشا به ظاهر ڪيا، آدمشماري دوران روزانو گڏ ٿيندڙ ڊيٽا تائين مڪمل رسائي نه ملڻ ،ڌارين جي ڌار ڳڻپ سوڌو آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ واري شرط تي عمل نه ٿيڻ جون شڪايتون به وزيراعظم آڏو رکيون، جنهن تي وزير اعظم شڪايتن کي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي وزير اعظم ان حوالي سان آدمشماري ڪرائيندڙ کاتي شماريات بيورو کي شڪايتون ختم ڪرڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي آھي.  ٻئي طرف وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي  ته وزير اعظم سان سنڌ جي وڏي وزير جي ٿيل ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سنڌ صوبي ۾ وفاقي حڪومت جي جاري ترقياتي منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو، ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف سان بلوچستان جي گورنر ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ ڌار ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ بلوچستان صوبي جي مامرن سميت ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي.