اسلام آباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت اسلام آباد نوري آباد پاور پلانٽ ريفرنس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي بريت لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، عدالت محفوظ ڪيل فيصلو 15 فيبروري تي ٻڌائيندي، احتساب عدالت جي جج محمد بشير ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي، وڏي وزير طرفان حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪئي وئي، ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ريفرنس تي احتساب عدالت جو اختيار نٿو ٺهي، بريت واريون درخواستون خارج ڪيون وڃن، عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 15 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.