اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ  وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي بابت نظرثاني درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 3 رُڪني بينچ 2 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندي، بئنچ ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر شامل آهن، عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ بعد ڌُرين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، درخواستگذار روشن علي ٻرڙو ٻٽي شهريت جي بُنياد تي وڏي وزير مراد علي شاهه کي نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي