مذھبي معاملا رياست ۽ سياست کان جدا ڪجن

0
499

ملڪ ۾ مذھبي شدت پسندي ۽ مذھبي منافرت جو طوفان آھي، عام ماڻھن جي جان مال انتها پسندن جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي، رياستي ادارا ڄڻ ته بيوس بڻيل آھن. شدت پسند پاڻ منصف، پاڻ فريادي ۽ پاڻ فيصلن تي عملداري به ڪرائي رهيا آھن، هاڻي ته هي گروهه ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسيز به پنهنجي مرضي واري جوڙڻ جا مطالبا ڪري رهيا آھن.  ملڪ ۾ ھي ڪهڙا اصول جوڙيا پيا وڃن؟! پرڏيهي پاليسي به ڪنهن جٿي جي مرضي واري ٺاهي سگهجي ٿي ڇا؟ پرڏيهي پاليسيز ته صرف ئي صرف ملڪ جي مفادن لاءِ جوڙي ويندي آھي. هي گروهه ملڪ کي ڪهڙي تباهي طرف ڌڪي رهيا آھن؟ سوال ٿو پيدا ٿئي ته آخر هي انتهاپسندي ڪيئن ۽ ڇو وڌي آھي؟  هي شدپسندي اسان کي ڪاڏي وٺي ويندي؟  ۽ ان جو ڪو ٽوڙ به آھي؟ اچو ته اهڙن سوالن جا جواب ڳوليون.
مذھبي تعليمات مطابق زندگي بسر ڪرڻ ته احسن  ڳالھه آھي پر جڏهن ڪجھه رجعت پسند گروهه پنهنجي معنيٰ ۽ مفهوم وارو عقيدو  ٻين تي مڙهين ته اها ته سموري مذھبن ۽ عقيدن جي تعليم جي ابتڙ آھي، ڪو  به مذھب اهو درس نه ٿو ڏئي ته توهان پنهنجي تفسير وارو عقيدو زوري ٻين تي لاڳو ڪيو، دين ۾ ته ڪا زور زبردستي هوندي ئي نه  آھي مذھب خدا ۽ ان جي بندي جو معاملو آھي، هر ماڻھو کي مذھب لاءِ احترام آھي  مذھبي عقيدا ۽ قانون  ته سڀني لاءِ مقدس آھن.
  بدقسمتي سان ڪجھه مفاد پرست گروهه مذهب جي نالي تي زمين تي فساد ۽ ڏڦيڙ ڦهلائي رهيا آهن. مذھب کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي پيو، عالمي سامراج ۽ طاقتور ڌرين ڄاڻي واڻي  رجعت پسندي کي سياسي ۽ سيڪيورٽي هٿيار طور استعمال ڪندي پنهنجا سياسي مقصد حاصل ڪيا آھن. افغانستان ۾ روس کي شڪست ڏيڻ لاءِ عالمي سامراج طالبانن کي استمال ڪيو. اڄ به مقتدر حلقا سياسي مقصدن لاءِ شدت پسندن کي اثاثو سمجهن ٿا، جيڪا وڏي اياڻپ آھي، باھه کي ٻارڻ ڏبو ته پاڻ کي به سيڪ ايندو آھي ۽ نانگ پالبا آھن ته اهي نانگ بلائون پاليندڙن کي به ڏنگيندا آهن.
80 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان آمريڪي بلاڪ ۾ شامل هو ۽ آمريڪا افغانستنان ۾ ڪميونسٽ روس کي شڪست ڏيڻ لاءِ شدت پسند گروهن کي استعمال ڪيو. پاڪستان آمريڪا جي “ان خير جي ڪم ” ۾ ڀرپور مدد ڪئي. بدلي ۾ پاڪستان کي ڪجھه ڊالر تي مليا پر ان پاليسي پاڪستاني معاشري جي بربادي جو ٻج ڇٽيو. ضياءَالحق پنهنجي اقتدار کي مضبوط ۽ وڌائڻ لاءِ انهن گروهن کي استعمال ڪيو. ضياءَالحق انتهاپسندي جو جيڪو ٻج ڇٽيو اڄ اهو وڌي وڻ ٿي ويو آھي، تقريبن هر گهر گهٽي ۾ انهي جون شاخون ملن ٿيون. ھي گروھه ڪنهن جا به سڄڻ يا خير خواهه ٿي نه ٿا سگهن. آمريڪا هنن کي پاليو هر موقعي تي کين آمريڪي آشيرواد حاصل هو،موٽ ۾ انهن ئي سيپٽمبر 2001ع ۾ آمريڪا جي فوجي اڏي پينٽاگون تي حملو ۽ ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي تباھه ڪيو . 
هاڻي هي گروهه ايڏا ته طاقتور ٿي ويا آھن جو آئي ڏينهن رياست جي رٽ کي چئلينج ڪن ٿا،مسئلو هي آھي ته رياست جو به هنن گروهن مٿان ڇپر ڇانو وارو هٿ آھي ڪجھه مقتدر حلقا اڄ به انهن کي پنهنجي سياسي ۽ اسٽريٽجڪ مفادن لاءِ استعمال ڪن پيا پر هي پاليسي نه رڳو ملڪي سالميت ۽ امن لاءِ تباهڪن آھي پر پرڏيهي پاليسي لاءِ به ڏچو آھي. ان غير معقول پاليسي جي ڪري اڄ به م پاڪستان جا ڪافي ملڪن سان سفارتي لاڳاپا خراب آهن، ڪيترين سالن کان پاڪستان FATF جي گري لسٽ ۾ شامل آھي. ملڪ لاءِ پرڏيهي تجارت ۽ سفارتڪاري جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آھن، سياحت جيڪا انيڪ ملڪن لاءِ معيشت جو اهم ذريعو آھي، اها به ملڪ جي ان غير منطقي پاليسي جي ور چڙھيل آھي ان پاليسي نه رڳو سياحت کي ڪاپاري ڌڪ رسيايو آھي پر دنيا جا ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان به لنوائي رهيا آھن.حالت اها آھي ته اسان جي پاسپورٽ هيٺئين سطح تي هليو ويو آهي. ان ڳالھه جي ثابتي توهان ڪنهن به ان ماڻھو کان پڇي سگهو ٿا جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار سانگي رهن ٿا. تازو خبرن ۾ آيو آھي ته پاڪستان جو پاسپورٽ بدترين پاسپورٽ وراي لسٽ ۾ چوٿين نمبر تي آھي.
سوال هي آھي ته آخر هن مسئلي کي ڪيئن منهن ڏجي ؟ جيئن ته هي مسئلو ڳنڀير ٿي چڪو آھي ان ڪري ان جو حل به پيچيده آھي، ھن مسئلي  کي ٻن  مرحلن ۾  حل ڪري سگهجي ٿو، سڀ کان پهرين ته ڪائونٽر بياني جي اشد ضرورت آھي يعني روشن خيال تحريڪ شروع ڪري انهن شدت پسندن جي بيانيي خلاف اصل اسلامي تعليم کي عام ڪجي ۽ انهن انتها پسندن جي نظرين کي قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ جواب ڏجي.
ٻيو مکيه قدم ھي آھي ته مذھبي معاملن کي سياست کان جدا ڪجي. هي قدم آھي ته ڏاڏو چئلينجنگ پر هڪ دفعو بهادري ڪري اهو قدم کنيو وڃي ته پوءِ ملڪ مان رجعت پسندي جي پاڙ ئي ختم ٿي ويندي. هن ملڪ جي آبادي جو 97 سيڪڙو مسلمان آھن، سڀني اهم ادارن پارليامينٽ، عدليه ،بيوروڪريسي ۾ مسلمان ئي ويٺل آھن،اهي ڪي به اهڙا فيصلا نه ڪندا يا قدم نه کڻندا جيڪي اسلامي تعليم جي خلاف هجن، هاڻي بس هڪ ڳالھه بچي ٿي اها آھي  عبادت ڪرڻ،  عبادت ڪرڻ ته  خدا ۽ ان جي بندي جو معاملو آھي ڪو عبادت گهٽ ڪري يا وڌ اهو مڪمل طور ڌڻي ۽ ان جي بندن جو معاملو آھي. عبادت جو اجر ۽ عبادت نه ڪرڻ جي سزا خدا پاڻ ڏيندو آھي جيڪڏهن ڪو نماز نه پڙھي يا حج ادا نه ڪري ته ان لاءِ ڪا دنياوي سزا رکيل آھي ڇا؟  يا خدا اهو فرمايو آھي ڇا ته جيڪڏهن ڪو عبادت نه ڪري ته رياست ان کي سزا ڏئي؟؟ نه اهڙي ڪا به ڳالھه اسلامي تعليم ۾ نه ٿي ملي. عبادت جي سزا جزا رياست جي ذميواري نه آھي، اسلام ۾ صرف رياست کي ڏوهن جي سزا جو حڪم آھي يعني ڪو چور چوري ڪري ته ان کي چوري جي سزا ڏجي، ڪير ڪنهن جا حق غضب ڪري ٿو ته ان کي سزا ڏئي حق حقدار کي ڏجن ،  امن امان جان مال جي حفاظت ڪجي وغيره پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته هن وقت مذھبي سياسي جماعتن جي ڪهڙي ضرورت آھي؟؟ ان جو سادو جواب هي آھي ته انهن گروھن مذھب کي پنهنجي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ مذھبي سياسي جماعتون جوڙيون آھن ۽ جڏهن انهن جا سياسي مفاد حاصل نه ٿا ٿين ته اهي ماڻھن جي جذبن کي ڀڙڪائي رستن تي وٺي ٿا اچن. مذھب کي پنهجي ذاتي فائدن لاءِ استعمال ڪرڻ سراسر ڏوھه آھي، سو هن وقت اها اشد ضرورت آھي ته مذھبي معاملن کي سياست کان ڌار ڪيو وڃي.
ٽيون اهم قدم اهو آھي ته رياست کي مذھب کان اڳ ڪجي. پاڪستان ۾ هن وقت مڪمل طور ڪا ٿيوڪريسي آھي ڪانه، ملڪ اسلامي تعليمات مطابق دنياوي قانون ۽ اصول جوڙي رهيو آھي ٻيو دنيا جي رياستن مذھبي معاملن  کي رياست جي ڪاروهنوار کان جدا ڪري ڇڏيو آھي ڇو ته دنيا ۾ انيڪ مذھب آھن  جڏهن رياستن مذھبي معاملن ۾ دخل ڏنو پئي ته ڪجھهمذھبن يا مسلڪن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پئي ويو ۽ ڪجھه وري پوئتي رهجي پئي ويا۔ هاڻي ظاهر آھي ته اختيار جنهن مسلڪ يا عقيدي واري گروهه وٽ هو اهي  ٻئي مسلڪن سان انصاف نه پئي ڪري سگهيا ۽ ان عمل سان تفاوت ۽ فرق وڌي رهيو هو. نتيجي ۾ملڪ ۾ رواداري ۽ امن امان جا مسئلا پيدا ٿي پيا، ان ڪري سڌريل ملڪن مذهبي معاملن کي رياستي معاملن کان ڌار ڪري ڇڏيو، ان امر پٺيان اهو به فلسفو هو ته رياست لاءِ هر مذهب، فرقو يا مسلڪ هڪجهڙا اهم آھن، ڪو به مذھب يا فرقو رياست لاءِ گهٽ نه آھي ڇو ته رياست جو اهم اصول اهو آھي ته ان جا سڀ شهري برابر آهن پوءِ رياست جو هڪ مذھب يا فرقو ڪيئن ٿي ٿو سگهي !؟ تنهن ڪري رياست جو ڪو مذھب يا فرقو گهڻ مذھبي رياستي عوام لاءِ انيڪ مسئلا پيدا ڪرڻ جو گس آھي، جيڪي اڄ ملڪ ۾ انتها پسندي ۽ امان امان جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آھن اهي به ان امر جي ڪري ٿي رهيا آھن. هاڻي اها حالت آھي جو رياست انهن گروهن آڏو بيوس ٿي وئي آھي ڇو ته مذھبي معاملا هوندا ئي حساس آھن، پاڪستان جي موجوده حالتن کي ڏسي اهو لازمي آھي ته رياستي معاملن کي مذھبي معاملن کان جدا ڪيو وڃي ملڪ جي امن ۽ ترقي ان ۾ ئي آھي.
آخر ۾ بس اهو چوندس ته هي جيڪا ملڪ ۾ رجعت پسندي جي نئين لهر اڀري آھي ان جي عمر ته شايد ايڏي وڏي نه هجي پر هن مسئلي کي مڪمل طور ختم ڪرڻو آھي ته ڪجھه سخت فيصلا ڪرڻا پوندا جيڪڏهن ايئن نه ڪيو  ويو ته ملڪ مان انتهاپسندي ختم  ٿي  ئي نه سگهندي.