اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چونڊن ۾ رنڊڪ وجهندڙ ماڻهن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون،اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته مجموعي طور تي ننڍي چونڊ پُرامن رهي، سيل کي 15 شڪايتون مليون، جِن کي فوري حل ڪيو ويو، اڪثر شڪايتون ڪارڪنن ۾ تڪرار ۽ جهيڙن جون هيون، ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر پولنگ عمل جي پاڻ نگراني ڪري پيو، چونڊن جي لاءِ پولنگ بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهندي. ٻئي طرف چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته پولنگ ۾ مداخلت ۽ فساد ڪندڙن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو سرڪاري ملازم ڌانڌلي ۾ ملوث نڪتو ته کيس فوري طور تي گرفتار ڪريو ۽ ساڻس ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي. چونڊن کي هر صورت ۾ يقيني ۽ پرامن بنايو ويندو. چيف اليڪشن ڪمشنر عوام جي نالي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته عوام بنا ڪنهن ڊپ جي ووٽ وجهڻ جي لاءِ گهرن مان ٻاهر نڪري.