مداحن پاران حديقه ۽ بلال عباس کي شادي ڪرڻ جي تجويز

0
234

مداحن پاران حديقه

لاهور(اسپورٽس نيوز) اداڪارا ۽ ڳائڻي حديقه ڪياني پنهنجي انسٽاگرام تي ساٿي اداڪارا بلال عباس سان گڏ تصوير شيئر ڪندي هن جي تعريف ڪئي جنهن تي مداحن کيس ٻنهي کي شادي ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

اداڪارا نوجوان اداڪار سان گڏ ٽي وي تي نشر ٿيندڙ پنهنجي مقبول ڊرامي “دوباراه” جو به ذڪر ڪندي لکيو ته بلال عباس سان گڏ ڪم ڪرڻ جو پنهنجو تجربو بيان ڪرڻ چاهيان ٿي

حديقو لوکيو ته اهڙا تمام گهٽ ماڻهو هوندا آهن جن سان اوهان جو روح جو رشتو بڻجي ويندو آهي ۽ بلاول اهڙن ئي ڪجهه ماڻهن مان هڪ آهي، اهو پاڪيزا روح جو مالڪ آهي. ڳائڻي پاران بلال عباس سان گڏ تصوير شيئر ڪرڻ ۽ هن جي تعريف ڪرڻ تي مداحن هن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو

جڏهن ته گهڻن واهپيدارن جوڙي کي ساراهيندي هنن کي حقيقي زندگي جي جوڙي به قرار ڏنو اهو ئي نه بلڪ مداحن ڳائڻي کي اداڪار سان شادي ڪرڻ جي تجويز به ڏئي ڇڏي.