مداحن جي تنقيد تي پريانڪا چوپڙا ”يوٽرن“ وٺي ڇڏيو

0
212

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا ريئلٽي شو ”دي ايڪٽيوسٽ“ جو حصو بڻجڻ تي معافي وٺي ڇڏي. پريانڪا چوپڙا ريئلٽي  شو”دي ايڪٽيوسٽ“ جو حصو بڻي ۽ آمريڪي ڳائڻي ۽ سونگ رائٽر اشر ۽ جولياني سان گڏ شو کي جج ڪندي. شو بابت ماڻهن جو موقف آهي ته سماجي ڪارڪن هڪٻئي سان مقابلو ناهن ڪندا پر هن شو ۾ هڪٻئي جو سهڪار وٺي اهو سماجي تبديلي آڻڻ بابت هجڻ گهرجي ها.

شو ۾ وڏيون وڏيون مهانگيون سليبرٽيز آڻي فضول پئسو ضايع ڪيو ويو، اهو پئسو ٽي وي شو بدران سڌي ريت سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ خرچ ڪيو وڃي ها، ماڻهن شو جي اعلان بعد منفي ردعمل ڏيندي چيو ته شو کي بي حسيءَ جو نالو ئي ڏئي سگهجي ٿو، پريانڪا چوپڙا ماڻهن جي راءِ بعد سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي آفيشل بيان جاري ڪندي چيو ته آئون پنهنجي چاهيندڙن کان معافي ٿي گهران،هن پنهنجي پوسٽ ۾ اهو پڻ لکيو ته شو جي فارميٽ جو ميڪرز ٻيهر جائزو وٺي رهيا آهن.واضح رهي ته گذريل هفتي کان ماڻهو هن شو جي مخالفت پيا ڪن ۽ اداڪارا چيو ته شو غلط ٿيڻ ڪري مونکي افسوس ٿيو آهي، سمجهان ٿي ته توهان گهڻا ئي ڏکارا هوندا.سي بي ايس ۽ ان جي پروڊڪشن پارٽنرز گلوبل سٽيزن ۽ لائيو نيشن پنهنجي بيان ۾ چيو ته” دي ايڪٽيوسٽ“ 5 قسطن بجاءِ هاڻي ان کي هڪ وقتي دستاويزي فلم طور پيش ڪيو ويندو.