مدئجي (ن پ ا) مدئجي جي جوکيا محلي ۾ اتفاقي گولي لڳڻ سبب نينگري سسئي ڌيءُ بشير جوکيو موقعي تي قتل ٿي وئي،پوليس لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ شڪارپور اسپتال نيو ويو، جتان وارثن حوالي ڪيو ويو.وارثن ٻڌايو ته نينگري ڪمري اندر ڪم ڪري  رهي هئي بستري تي رکيل رپيٽر ڪرڻ سبب گولي ڇٽي وئي، نينگري مارجي وئي.پوليس ٻڌايوته وارثن جو چوڻ آهي ته نينگري رپيٽر ڇٽڻ سبب قتل ٿي آهي. وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.