مدئجي (ن پ ا) مدئجي پوليس بس اسٽاپ ڀرسان ڪارروائي ڪري ڊاٽسن ڊرائيور همٿ بروهي کي گرفتار ڪري وئي، ڊرائيور جي گرفتاري خلاف ڊاٽسن يونين جي سڏ تي ڊرائيورن ۽ بروهي برادري جي ماڻهن ڏيڍ ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري جندوديرو پل سکر لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو، گاڏيون بيهجي ويون، مسافرن ۽ مظاهرين وچ ۾ جهڙپون پڻ ٿينديون رهيون.  ان موقعي تي اڳواڻن حضور بخش بروهي، نظر محمد بروهي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيوته ايس ايچ او مدئجي ڊاٽسن ڊرائيور همٿ بروهي کي کنڀي گم ڪيو  آهي. پوليس موجب ڊاٽسن ڊرائيور همٿ بروهي حادثو ڪيو هو، جنهن ۾ ميراڻي برادري جي معصوم نينگري زخمي ٿي هئي، جن جي فرياد تي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو آهي، پوليس ڊرائيور همٿ بروهي کي ڇڏي ڏنو، ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ ٽرئفڪ بحال ٿي وئي.