مدئجي (ن پ ا) مدئجي ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪٻئي مٿان لتن، مڪن ۽ لٺين جو وسڪارو ڪيو ويو، جنهن ۾ سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا، جڏهن ته جهيڙي ۾ هندو پنچائت جي مکي سترام داس ۽ سيٺ راجل داس سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا، بعد ۾ هندو برادري جي معززن وچ ۾ پئي مامري کي ٽاري ڇڏيو ۽ ڳالهه کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، رابطو ڪرڻ تي هندو پنچائت جي مکي سترام داس ٻڌايو ته ٻارن جي ڳالهه تان منهن ماري بعد مامرو وڌي ڌڪن تائين پهتو، پنچائت جو اجلاس ڪوٺايو آهي، ڌرين ۾ سرچاءُ ڪرايو ويندو، اڳوڻي مکي سندر داس چيو ته ٻارن جي ڳالهه تان مکي سترام داس ۽ راجل داس وچ ۾ غلط فهمي سبب جهيڙو ٿيو، ڪٺ گهرايو آهي جنهن دوران ٻنهي ڌرين جو ٺاهه ڪرائي مامرو ختم ڪرائينداسين.