مدئجي (ن پ ا) مدئجي ڀرسان ڳوٺ آرائين واسي صوفي راڳي سيد غلام حسين شاهه پنهنجن پٽن سميت پريس ڪلب  پهچي بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي صوفي راڳي سيد غلام حسين شاهه ۽ ٻين دانهيندي چيوته پنهنجي برادري جي ماڻهو  بااثرن جي چرچ تي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي هو اسان کي ڳوٺ مان لڏائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،  جان جو خطرو آهي، تحفظ ڏياري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.