مدئجي (ن پ ا) مدئجي  مين بس اسٽاپ تي لاڙڪاڻي کان سکر ويندڙ مسافر ڪوچ کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب ڪوچ ۾ ويٺل مسافرن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا،  مسافرن ڪوچ مان لهي پنهنجون جانيون بچائي ورتيون، جڏهن ته ڪوچ کي باهه لڳل ڏسي اسٽاپ تي موجود ماڻهن ۽ ڪوچ انتظاميا بروقت باهه تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، ان حوالي سان  ڪوچ انتظاميا ٻڌايو ته ڪوچ جي اي سي انجڻ وڌيڪ گرم ٿيڻ ڪري باهه لڳي پر ڪوچ اسٽاپ تي موجود هجڻ ڪري وڏي انگ ۾ ماڻهن پهچي برقت باهه وسائي ورتي، جنهن سبب ڪوبه جاني نقصان ٿيڻ کان بچاءُ ٿي ويو.